Friday , April 19 2024

ملڪي سيڪيورٽي معاملا، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سينيٽ کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ سينيٽ پهتل

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَ چار ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سينيٽ کي سيڪيورٽي معاملن بابت سينيٽ کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ سينيٽ پهتل آهي. سينيٽ جي ان ڪئميرا اجلاس ۾ آرمي چيف سان گڏ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشسنز به بريفنگ دوران موجود آهي. آرمي چيف پهچڻ بعد سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هيلي ڪاپٽر ذريعي سينيٽ پهتو، ان کان ڪجهه دير اڳ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز سينيٽ پهچي سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف سينيٽ کي مختلف ملڪن جي دورن خاص طور تي ايران واري دوري بابت به سينيٽ کي آگاهي ڏيندو. جنرل قمر جاويد باجوا ملڪي سيڪيورٽي، رحدن جي صورتحال ۽ ملڪ اندر دهشستگردي خلاف جاري آپريشنز ۽ انهن ۾ هيل تان مليل ڪاميابين بابت به ان ڪئميرا بريبفگ ڏيندو. ذريعن موجب آرمي چيف بريفنگ بعد ينيٽرز پاران پڇيل سوالن جا به جواب ڏيندو. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب، لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فورسز جي مسلسل اڳراين ۽ فائرنگ وارن واقعن بابت بريفنگ ڏني ويندي. بريفنگ دوران بلوچستان جي صورتحال ۽ سي پيڪ منصوبي جي سيڪيورٽي وارن معاملن بابت به سينيٽ جي ان ڪئميرا اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *