Thursday , April 25 2024

ملي مسلم ليگ دهشتگردن جي عالمي تنظيمن واري فهرست ۾ شامل

واشنگٽن ( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان ۾ تازو قائم ڪيل ملي مسلم ليگ کي بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، امريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته، ملي مسلم ليگ ۽ تحريڪ آزادي ڪشمير اصل ۾  پابندي مڙهيل لشڪر طيبا جون شاخون آهن ۽ نالا بدلائي سياست ۽ ٻيون سرگرميون ڪري رهيون آهن. تنهن ڪري ٻنهي تنظيمن کي به فارن ٽيرارسٽ آرگنائيزيشن جي اميگريشن اينڊ نيشنل ايڪٽ جي سيڪشن 219 ۽ دهشتگردن جي عالمي لسٽ جي ايگزيڪٽو 13224 تحت لشڪر طيبا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. امريڪي  اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ملي مسلم ليگ ۽ تحريڪ آزاد ڪشمير اصل ۾ لشڪر طيبا جا مختلف نالا آهن تنهن ڪري ٻنهي پارٽين کي رجسٽرڊ نه ٿو ڪري سگهجي تنهن ڪري ٻنهي پارٽين کي به لشڪر طيبا سان گڏ دهشتگردن جي عالمي لسٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. آمريڪي پرڏيهي کاتي پنهنجي ويب سائيٽ تي گهربل عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ 7 نوان نالا به شامل ڪيا آهن جنهن ۾ سيف الله خالد، اقبال هاشمي، محمد حارث ڊار، تابش قيوم، فياض احمد، فيصل نديم ۽ محمد احسان شامل آهن، اهي سمورا ماڻهو ملي مسلم ليگ جي قيادت جو حصو آهن ۽ لشڪر طيبا جا متحرڪ ڪارڪن به آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي اها به دعويٰ ڪئي آهي ته آگسٽ 2017ع ۾ جوڙيل ملي مسلم ليگ کي لشڪر طيبا جي سربراهه حافظ سعيد جي سرپرستي حاصل آهي ۽ پنهنجي قائم ٿيڻ کان منشور تائين حافظ سعيد جي رضامندي شامل آهي ته جيئن هو سياسي محاذ تي سرگرم رهي سگهي ايستائين جو چونڊن ۾ به حصو وٺي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *