Tuesday , March 19 2024

ملير ايڪسپريس وي منصوبو؛ سنڌ حڪومت، بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي کي ڌچڪو

”ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ھاڻي اي ڊي بي جي مدد سان ڪو پروجيڪٽ نه رھيو آھي، نه ئي هاڻي اُهو غور هيٺ ايندو”.

ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ( اي  ڊي بي) ملير ايڪسپريس وي کي فنڊنگ لاءِ پنهنجي ترجيحي منصوبن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) بحريا ٽائون ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي /سٽي (ڊي ايڇ اي سٽي ) کي وڏو ڌچڪو، ملير ايڪسپريس وي هاڻي لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ (اي ڊي بي) جي مدد سان ٺهندو، اي ڊي پي مقامي رهواسين، زميندار، آبادگارن ۽ ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جي خدشن کانپوءِ فنڊز جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. اي ڊي بي اختيارين ماحوليات تي ڪم ڪندڙ تنظيم کي آگاهي ڏئي ڇڏي. ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ( اي  ڊي بي) ملير ايڪسپريس وي کي فنڊنگ لاءِ پنهنجي ترجيحي منصوبن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

ملير جي مقامي زميندارن، انڊين ليگل ڪميٽي ۽ ماحول دوست سول سوسائٽي، ملير ايڪسپريس وي جي اڏات سان ماحولياتي گدلاڻ جي ڦهلاءِ، ملير ندي جي ٻنهي پاسن کان آباد ماڻهن جي متاثر ٿيڻ بابت معاملو اي ڊي بي آڏو رکيو هو، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 27 اپريل 2023 تي ملير جي مقامي ماڻهن ۽ سماجي تنظيم جي موقف کي حقيقتن پٽاندڙ سمجهندي ملير ايڪسپريس وي لاءِ فنڊنگ کي ترجيحي بنيادن واري فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

ايشين ڊولپمينٽ ڊولپيمنٽ بئنڪ ماحول دوست ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي ڦهلاءِ خلاف ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم کي لکيل خط ۾ ڄاڻيو آهي ته، “ هاڻي ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ھاڻي اسان / ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي مدد سان ڪو پروجيڪٽ نه رھيو آھي، اهو منصوبو اي ڊي بي جي احتساب واري مڪينزم تحت غور جي لائق به ناهي رهيو”.

“ اي ڊي بي کي مليل شڪايتن ۾ مقامي ماڻهن جي بينادي حق متاثر ٿي رهيا آهن، او ايس پي ايف ٽيم شڪايت ۾ پيش ڪيل مسئلن جي نگراني به ڪري رهي آهي. اهليت جي تعين واري مرحلي تي پنهنجي ملاقاتن دوران اشارو ڪيو هو ته ملير ايڪسپريس وي سنڌ صوبي ۾ اي ڊي بي جي مالي مدد سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تجويز ڪيل غور هيٺ رهندڙ منصوبن مان هڪ منصوبو هو”.

خط ۾ چيو ويو آهي ته، “ اي ڊي بي؛ جي پاڪستان ريزيڊنٽ مشن جي ذميوارن ٻڌايو ته پي پي پي پروگرام لاءِ پراجيڪٽ پائيپ لائين جي چونڊ، خاص طور تي ايشيا ۽ پئسفڪ ڪلائيميٽ بئنڪ جي طور تي اي ڊي بي جي ترجيحن بابت، ۽ انهن منصوبن تي نئين ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان بحث مباحثا ٿيندا رهيا. انهن بحث مباحثن ۾ ڊگھي مدي واري موسمياتي تبديلي جي آپريشنل فريم ورڪ تي عملدرآمد سان سڀ کان وڌيڪ جڙيل آھن”.

هڪ جائزو وٺڻ کان پوءِاسان/ اي ڊي بي؛ حڪومت جي ترجيحن جي حمايت ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي جيڪو خطي لاءِ ڊگهي مدي واري موسمياتي ايجنڊا سان پڻ جڙيل آهي. اي  ڊي بي جي مدد سان پي پي پي پروگرام تحت منصوبي جي پائپ لائن تي نظرثاني لاءِ سنڌ حڪومت جي درخواست جي بنياد تي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ پاران توھان کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ھاڻي اسان جي/ اي ڊي بي جي مدد سان ڪو پروجيڪٽ نه رھيو آھي، نه ئي هاڻي اُهو غور هيٺ ايندو”.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *