Thursday , April 25 2024

مضبوط مرڪز جي حڪمراني سبب ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽبلشمينٽ ۽ سويلين ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيو:جلال محمود شاهه

ڄامشورو( سنڌ سماءَ چارنيوز) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته، ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽبلشمينٽ ۽ سويلين حڪمران جماعتن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو ڪارڻ پاڪستان ۾ مضبوط مرڪز واري حڪمران جو ئي نتيجيو آهي، پاڪستان تاريخي قومن جي وطنن تي مشتمل آهي جنهن کي حقيقي وفاق طور هلائڻ ئي مسئلن جو اڪيلو حل آهي. جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ ايس يو پي جي مرڪزي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب دوران سيد جلال محمود شاهه چيوته، جيڪڏهن پاڪستان کي مستحڪم ۽حقيقي جمهوري وفاق طور تي هلايو وڃي ۽ وفاق جي اندر تاريخي قومن کي برابري جي بنيادن تي فيصلن ۽ حڪمراني ۾ حصيداري ڏني وڃي، جنهن سان اهڙي ٽڪراءُ واري صورتحال کان بچي سگهجي ٿو. ملڪ ۾ پيدا ٿيل موجوده صورتحال ٻڌائي ٿي ته مضبوط مرڪز واري حڪمراني جي سبب ايندڙ وقت لاءِ  هميشه جهيڙي ۽ ٽڪراءُ جو ميدان پنجاب ئي رهندو . اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ايس يو پي پاران ايندڙ مهيني ڪراچيءَ ۾، ” پاڪستان کي حقيقي وفاق طور ڪيئن هجڻ گهرجي “ جي سِري هيٺ ملڪي سطح جو ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. ڪانفرنس جي تياري جي سلسلي ۾  سنڌ جي ڊيموگرافي جي تحفظ لاءِ ڌاري آبادڪاري خاص طور تي برمين، بنگالين ۽ افغانين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ خلاف سنڌ جي قومپرست جماعتن جو هلندڙ مهيني ڪراچي ۾ حيدر منزل تي سمورين قومپرست پارٽين جو گڏيل اجلاس به ڪوٺايو ويندو. اجلاس ۾ ان معاملي تي گڏيل لاحئه عمل اختيار ڪرڻ لاءِ غور  ڪيو ويندو.  ايس يو پي پاران سنڌ ۾ ڪرپشن، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف 25 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ مارچ ريلي ڪڍي ويندي. جڏهن ته اجلاس ۾ سيد زين شاهه، ڊاڪٽر دودو مهيري، روشن علي ٻرڙو، ادريس چانڊيو، روشن علي ڪلهوڙو، ڊاڪٽر مشتاق شيخ، امير علي ٿيٻو، سيد غلام شاهه، ڊاڪٽر انعام ڀٽي، جڳديش آهوجا، محبوب عباسي، مختيار ميمڻ، منير نائچ، منظور احمد ميمڻ، رئيس ڪريم چانڊيو، فلڪ شير اوڏ، عبدالستار ابڙو به شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *