Wednesday , April 24 2024

“مصلحتن کان آجي خبر”، سنڌ سماچار هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کان اڳتي

ڪراچي(چيف رپورٽر  سنڌ سماچار) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران بااثر وفاقي شخصيتن سان ”معاملا سڌا“ ڪرڻ بابت سنڌ سماءَ چار 2 ڏينهن اڳ خبر بريڪ ڪئي هئي. وڏي وزير جي بابت وفاقي وزير اسد عمر تصديق ڪري ڇڏي آهي. رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر آچر ڏينهن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو آهي ته، وزيراعظم جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران وڏو وزير مراد علي شاهه به شريڪ ٿيو هو.  گڏجاڻي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان اها ڳالهه طئي ٿي هئي ته اجلاس ۾ ٿيل ڳالهيون ۽ پيڪيج بابت ٿيل ڳالهيون ٻاهر ظاهر نه ڪيون وينديون نه ئي ڪنهن سان طئي ڪيل معاملا ڪنهن سان شيئر ڪيا ويندا. اسد عمر چيو ته گڏجاڻي ۾ سنڌ جي وڏي وزير ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو هو ته، اجلاس ۾ طئي ٿيل ڳالهيون ڪنهن ساب شيئر نه ڪيون وينديون. اسد عمر چيو ته کيس وڏي وزير کان شڪايت ناهي پر هن کي ائين  نه ڪرڻ گهربو هو.

سنڌ سماءَ چار پنهنجي اسٽوري ۾ جن وفاقي شخصيتن سان معاملا سڌا ڪرڻ جو ذڪر ٿيل آهي  پر انهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا هئا، انهن ۾ وزيراعظم، وفاقي وزير اسد عمر  شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه مقتدر شخصيتون به شامل آهن.

وڏو وزير مراد علي شاهه “ معاملا سڌا ” ڪرڻ ۾ ڪامياب، ڪي سي آر بابت به اهم فيصلا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *