Thursday , March 28 2024

مشرف ڪيس بابت عدالتي فيصلي اسان جا خدشا سچا ثابت ٿي ويا: ترجمان پاڪ فوج

اڄ جو فيصلو ڪنهن به تهذيب ۽ اقدار کان مٿانهون آهي ۽ ڪجهه ماڻهو ۾ ويڙهائڻ چاهن ٿا: ميجر جنرل آصف غفور

راولپنڊي(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ”پرويز مشرف خلاف ڪيس ۾ خاص عدالت جي فيصلي سان اسان جيڪي خدشا ظاهر ڪيا هئا اهي سچ ثابت ٿي ويا آهن، پاڪ فوج رڳو هڪ ادارو نه پر هڪ ڪٽنب جيان آهي“ اهو چوڻ هو پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آرجي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور جو، هُو خميس ڏينهن راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر آصف غفور چيو ته، خاص عدالت پاران 17 ڊسمبر تي ٻڌايل مختصر فيصلي تي اسان جيڪي خدشا ظاهر ڪيا هئا اُهي تفصيلي فيصلي ۾ سچ ثابت ٿيا آهن، اڄ جو فيصلو ڪنهن به تهذيب ۽ اقدار کان مٿانهون آهي ۽ ڪجهه ماڻهو ۾ ويڙهائڻ چاهن ٿا. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته، پاڪستان جي فوج هڪ منظم ادارو آهي، اسان ملڪي سلامتي کي قائم رکڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ جو حلف کنيو آهي ۽ ائين اسان گذريل 20 سال ۾ عملي طور تي ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ڪم دنيا جو ڪو به ملڪ، ڪا به فوج ناهي ڪري سگهي اُهو پاڪستان ۽ پاڪستان جي فوج پنهنجي عوام جي سهڪار سان حاصل ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان اڄ هائبرڊ وار کي منهن ڏئي رهيا آهيون ته اسان کي ان تبديل ٿيندڙ جنگ جو ڀرپور احساس آهي ان ۾ دشمن، ان جي سهولتڪار ۽ مددگار جو ڪهڙو طريقو ٿي سگهي ٿو. اسان کي اندرين ۽ ٻاهرين ٻاهرين خطرن جو اندازو آهي ۽ اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن کي ناڪام بڻائينداسين. پنهنجي مختصر پريس ڪانفرنس ۾ ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جتي دشمن اسان کي اندرين طور تي ڪمزور ڪندا رهيا هاڻ ان سان گڏوگڏ ٻاهرين خطرن طرفان به آواز اچي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان آيو ته ان جي لائن آف ڪنٽرول تي ڪهڙيون ڪوششون آهن، ملڪي سلامتي جو هڪ اهم ادارو هوندي اسان کي اندازو آهي ته ڪهڙي طرح سان پاڪستان کي اندرين طور تي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ۽ اڃان به ٿي رهي آهي جنهن جو فائدو کڻندي ٻاهرين خطرن تي ڪيئن عملدرآمد ٿي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *