Friday , April 19 2024

مسعود اظهر جي معاملي تي آمريڪا ۽ چين وچ ۾ اختلاف آهن يا ختم ٿي ويا؟؟

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر کي پابندي مڙهيل شخص قرار ڏيارڻ واري معاملي تي چين ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار تيز ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، چين آمريڪا کي صلاح ڏني آهي ته اُهو، مسعود اظهر کي پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ جي مسئلي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ڪميٽي کي نظر انداز ڪرڻ تي ” احتياط وارو رويو “ اختيار ڪري ته اُهو آمريڪا لاءِ بهتر ٿيندو. عالمي ميڊيا جي رپورٽس مطابق، چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته، مولانا مسعود اظهر واري معاملي تي؛  ”آمريڪا پاران هڪ طرفو ردعمل ڏيڻ سان مسئلا گهٽجڻ بدران اڃا وڌيڪ منجهائيندڙ ۽ ڏکيا بڻجي ويندا“.

ان معاملي تي چين جو بيان اهڙي وقت آيو آهي، جڏهن آمريڪا پابندي ڪميٽي 1267 کي نظر انداز ڪندي، گڏيل قومن جي سلام تي ڪميٽي جي ميمبرن ۾ مسعود اظهر کي ڀيرو ٻيهر ڪالعدم / پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ بابت ٺهراءَ جو مسودو ورهايو آهي. ان سلسلي ۾ بيجنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان جينگ زوانگ هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته، ” آمريڪا جي اهڙن عملن ۽ سرگرمين مان واضح ٿي رهيو آهي ته، گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي دهشتگردي جي خاتمي واري مک ڪميٽي جي اختيارن کي اهميت ئي نه ٿو ڏئي“. ان سلسلي ۾ هن وڌيڪ چيو ته، اهڙن قدمن سان آمريڪا کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، اهڙن عملن سان مسئلا گهٽجڻ بردان اڃا وڌيڪ منجهي ويندا. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ  هو ته، آمريڪا ڏاهپ ۽ دورانديشي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي ٺهراءَ کي زبردستي منظور ڪرائڻ واري ضد تانلهي وڃي.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جينگ زوانگ پريس ڪانفرنس دوران وڌيڪ چيو ته، جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر کي ڪالعدم / پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ ۾ ڪيترائي ڏکيا ۽ منڌل معاملا شامل آهن،جڏهن ته چين ڳالهين ۽ اتفاق راءِ سان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. جينگ زوانگ اهو به چيو آهي ته، ڪيو ته سلامتي ڪونسل کي گهرجي ته اها لاڳاپيل ڌرين  کي ڳالهين ۽ صلاح مشوري لاءِ وقت مهيا ڪري سوچي سمجهي عقلمندي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *