Friday , April 19 2024

مستونگ: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري آپگهاتي حملي ۾ معجزاڻي طور بچي ويو، سندس ڊرائيور سميت 27 ڄڻا شهيد ۽ 40 ڄڻا زخمي

mastoong blast 01mastoong blast 04

مستونگ ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ۽ جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري تي آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا شهيد ۽ مولانا عبدالغفور حيدري سميت جي يو آءِ جا 40 ڪارڪن زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي پهريان مستونگ جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۽ بعد ۾ سي ايم ايڇ منتقل ڪوي ويو.

آپگهاتي حملي ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين ۽ جي يو آءِ (ف) جو سينيئر اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري زخمي ٿي پيو. گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏ ويٺل سندس دوست، سيڪيورٽي آفيسر ۽ جي يو آءِ جي 5 اڳواڻن سميت 27 ڄڻا شهيد ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿيا. مولانا عبدالغفور حيدري تي حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن هُو، هڪ مدرسي ۾ دستاربندي جي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ واپس ڪوئيٽا وڃي رهيو هو.

شروعاتي جاچ موجب هڪ موٽرسائيڪل سوار بمبار سندس قافلي آڏو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا عبدالغفور حيدري جي گاڏي جو اڳيون حصو تباهه ٿي ويو، سندس ڀر ۾ ويٺل ڊرائيور افتخار مغل، سندس ويجهو ساٿي سردار نور احمد بنگلزئي، جي يو آءِ ڪوئيٽا جي نائب امير حافظ قدرت الله نهڙي، اي ايس آءِ وحيد ۽ محمد عادل سميت 27 ڄڻا شهيد ٿي ويا. جن ۾ مولانا غفور حيدري جو ڊائريڪٽر اسٽاف به شامل هو.

mastoong blast Hyderi

اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو ايترو زوردار هو جو مولانا عبدالغفور حيدري جي گاڏي سميت ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون، ڏسندي ڏسندي ئي انساني لاش وکري ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ليوي ۽ ايف سي جي اهلڪارن پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، زخمين کي فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو سميت مختلف اسپتالن ڏانهن نيو ويو ۽ لاشن کي به اسپتالن ڏانهن پهچايو ويو. آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيدن ۾ مولانا عبدالغفور حيدري جو دوست ظهور احمد پٺاڻ ۽ هڪ خانگي ٽي وي جو ڪئميرامين به شامل آهن. ڊي پي او مستونگ غنضفر علي شاهه جو چوڻ هو ته آپگهاتي حملا آوار هڪ موٽرسائيڪل تي سوار هو، جنهن مولانا غفور حيدري جي قافلي ڀرسان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جو نشانو مولانا عبدالغفور حيدري هو، هن چيو ته بمبار جي جسم جا عضوا مليا جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيا ويا.

mastoong blast 03

بلوچستان حڪومت جي ترجمان انوار الحق ڪاڪڙ ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ مولانا عبدالغفور حيدري سميت 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جن کي هيليڪاپٽر ذريعي مستونگ سول اسپتال کان ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، ڊي ايڇ او مستونگ موجب مولانا عبدالغفور حيدري معمولي زخمي آهي، جنهن کي جسم تي معمولي رهنڊون آيون آهن، کيس سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته، ڌماڪي ۾ 10 کان 12 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڇرا شامل هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *