Wednesday , April 24 2024

مستقبل جو سياسي سيٽ اپ-مائنس ٿري يا فور؟ – الهه بخش راٺوڙ

rathore

پاڪستان جي مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جي حوالي سان دنيا جي ٽن اخبارن انتهائي اهم تبصرا ڪيا آهن،انهن ۾ آمريڪا جي فنانشل ٽائمز، نيو يارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ شامل آهن.هنن ٽنهي اخبارن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته نوازشريف جي حڪومت جو خاتمو طاقتور فوجي اسٽيبلشمنٽ سان ٽڪراءَ جو نتيجو هو.پر ڪهاڻي کي کوليو اين ڊي ٽي وي جي صحافي برکا دت،جنهن اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف جو انٽرويو ڪيو.جنهن ۾ نوازشريف چيو ته ”فوجي اسٽيبلشمنٽ تي سويلين سپرميسي انتهائي ضروري آهي“. نوازشريف ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌائيندي چيو ته”“The prime minister is the boss, not the army chief. This is what the constitution says. We all have to live within the four walls of the constitution.”

(فوج جو سربراهه نه پر وزير اعظم ئي باس هوندو آهي.اسان سڀني کي آئين جي چار ديواري ۾ رهڻو آهي).برکا دت واشنگٽن پوسٽ ۾ Why Sharif’s ouster is dangerous for Pakistan جي سري هيٺ لکيو ته ”نوازشريف جو هٽڻ پاڪستان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي“. هن وڌيڪ ڄاڻايو ته ” نوازشريف پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن جو امين هو“.جڏهن ته عمران خان جي پارٽي انهن واڳ ڌڻين جي بي ٽيم ٿي، جيڪي ملڪ تي سڌي حڪمراني جو ست ساري نٿا سگهن، پر پردي جي پٺيان ويهي اننگز کيڏڻ گهرن ٿا.هاڻ عدليه جنهن ”نظريه ضرورت“ کي اڃان دفن کي مس ڪيو هو ان لاش ٻاهر ڪڍي سول حڪمراني کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

ڇا ايم ڪيو ايم لنڊن جي باني کانپوءِ نوازشريف جي سياسي منظر تان هٽڻ يا هٽائڻ کانپوءِ صورتحال ٺاپر واري ٿي ويندي؟ ڇا ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿي ويندو؟ ڪٿي فوجي اسٽيبلشمنٽ کي پنهنجي ئي پٽي ڀائي جوڪو چشم چراغ

ئي گهربل هو؟ مائنس ٿري وارو فارمولو قائم رهندو يا مائنس فور تي عمل ٿيندو؟ جيڪڏهن سياستدانن جي قرباني جاري رهي ته پوءِ آخرڪاراها ڪيستائين ڇيهه ڪندي؟

هنن سوالن جا جواب آمريڪاجي ميڊيا ئي ڏنا.امريڪي اخبار فنانشل ٽائمز ۾ احمد رشيد جو تجزيو Pakistan can survive the chaos of Nawaz Sharif’s ousting جي عنوان هيٺ شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ مائنس ٿري جو ذڪر ڪيو ويو آهي. احمد رشيد لکي ٿو ته ” مائنس ٿري ۾ متحده باني، ميان نوازشريف ۽ آصف زرداري شامل آهن“! ٻه اهم اڳواڻ منظر تان هٽائڻ لاءِعدليا جو استعمال ڪيو ويو آهي.هي اها عدليا آهي، جنهن فوجي بغاوت کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو پر هاڻ به ساڳين قوتن جي ويجهو آهي!.جڏهن ته تجزئي ۾ ٽن کانسواءِ ڪيترن ئي سياستدانن جي خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو ويو آهي.ان حوالي سان واشنگٽن ڊي سي ۾ موجود هڪ سينئرصحافي کان جڏهن ”ڪيترن ئي سياستدانن“ جي ٽرم جي باري ۾ پڇيو ۽ اهو ته ٻيا ڪهڙا نااهل ٿي سگهن ٿا؟ هن جو چوڻ هو ته ” هاڻ مائنس ٿري مائنس فور ٿي ويو آهي، جنهن ۾ عمران خان پاڻ به شامل آهي“! هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ” ڳالهه ايستائين ڇيهه نه ڪندي پر گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سياستدانن جي نااهل ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن“! ان جو مطلب آهي ته ايندڙعام چونڊن کان اڳ ۾ اسٽيبلشمنٽ پنهنجي گهر کانسواءِ يا اهي جيڪي چيلهه جي سور جو بهانو ڪري ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا،باقي سياستدانن جي ”فيملي پلاننگ “ جو عمل جاري رکندي! بقول مرحوم سينئر پير صاحب پاڳاري جي ”ٻهارو گهمندو ۽ فيملي پلاننگ ۾ جيڪي سياستدان بچندا اهي ئي ايندڙ عام چونڊون وڙهندا.“!

Nawaz1

آمريڪا ۾ موجود سينئر صحافي مطابق ان ڳالهه جا آثار واضح آهن ته عمران خان مائينس فور ۾ شامل هوندو، هن جو گهيرو ڏينهون ڏينهن تنگ ڪيو ويندو.اصل ۾ واڳ ڌڻي انهن سياسي اڳواڻن کي اکين جو تارو بنائڻ گهرن ٿا، جيڪي انهن جي ڪڙم ۽ قبيلي مان هجن يا وري انهن جو ڊگهو وفاداري جو ريڪارڊ هجي.نوازشريف به ساڳين صفن مان آيو، پر هن قائم ڪيل بائونڊريز کي ڪراس ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي ضرب المثل بڻايو ويو.هي ايندڙ وفادارن لاءِ سبق به آهي.هن جوچوڻ هو ته ”موجودهه سيٽ اپ ۾ شاهد خاقان عباسي اهو شخص آهي، جيڪو جنرل ضياءَ جي ڪابينا ۾ پئداوار جي وزير خاقان عباسي جو پٽ آهي، جنهن جي ڪار اوجهڙي ڪيمپ ۾ هڪ ميزائل سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ مارجي ويو هو.هن جي ٻي ڪوائليفڪيشن هي هئي ته خاقان عباسي ڪشمير ي هو ۽ رٽائرڊ ايئر ڪموڊور به هو.هاڻ ان جي پٽ کي وزير اعظم ڏسي ڪري واڳ ڌڻي گد گد ٿيا هوندا. جڏهن ملڪ ۾ ايندڙ سياسي تبديلين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي ته نوازشريف جي ڀاءَ شهباز شريف جي وزير اعظم نه ٿيڻ جو ذڪر نڪتو. شهباز شريف جي لاءِ مشهور آهي ته هو فوجي اسٽيبلشمنٽ سان گهٽ کان گهٽ ٽڪراءَ ۾ ايندو رهيو آهي.هن جي اچڻ سان واڳ ٿيڻ کي ساهه کڻڻ جو وڌيڪ اسپيس ملي ها.هو مڪمل طور تي دفاعي ۽ پرڏيهي پاليسيون اهم اداري جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها.ان جي ابتڙ نواز شريف وري اهي جيڪي اهم ادارن جو اثاثو سمجها وڃن ٿا، انهن کي ڪشمير سميت پاڙيسري ملڪن ۾ وارداتن ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني، هو ڪيترائي ڀيرا انهن جي ڪارروائين ۾ رڪاوٽ به بڻيو، جيڪا ڳالهه اصل ڌڻين کي قابل قبول نه هئي. هنن لاءِ وڌيڪ اعتراض جوڳي ڳالهه هي هئي،ته نوازشريف سندن اجازت کانسواءِ ڪيئن جندال سميت ڀارتي حڪومت جي غير سرڪاري ايلچين سان معاملا طعي ڪري رهيو هو.شهباز شريف جي سافٽ هجڻ جي باوجود واڳ ڌڻين کي قبول نه پيو، انڪري وڌيڪ ڪمزور وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي سامهو آندو ويو.

مستقبل جي سياسي روڊميپ جي حوالي سان اسلام آباد ۾ اهي حلقا جيڪي ايندڙتبديلين تي نظررکن ٿا، انهن جوچوڻ آهي ته عمران خان جي نااهل ٿيڻ جا ففٽي ففٽي چانسز آهن.جنهن تي واشنگٽن جا مبصر به اتفاق ڪن ٿا.جيڪڏهن هي صورتحال جاري رهي ته مستبقل قريب ۾ سياستدان جو نسل خطري ۾ پئجي ويندو.اهي سياستدان جيڪي ٿوري گهڻي سوجهه ٻوجهه رکن ٿا، انهن جي پاسيري ٿيڻ سان سياسي قيادت جو بحران پيدا ٿي ويندو.شايد اصل ڌڻين جي به منشا اها آهي ته هو نون کلاڙين سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرن ٿا.

موجودهه صورتحال ۾ نوازشريف جي هٽڻ ۽ شاهد خاقان عباسي جي اچڻ تائين وائيٽ هائوس انتهائي سرد مهري جو مظاهرو ڪيو آهي. آمريڪا کي، پاڪستان ۾ ڪهڙيون تبديليون ڏسڻ اچي رهيون آهن، ان جي ان کي ڪابه پرواهه ناهي.هنن ته پاڪستان ۽ افغانستان جي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ جونيئر عملدار مقرر ڪيا آهن، جن بابت تجزئي نگارن جو خيال آهي ته اهي پاڪستان ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي سطح جا آهن. آمريڪا ۾ موجود ڪيترن ئي سوجهه ٻوجهه رکندڙن کان وائيٽ هائوس جي سرد مهري بابت پڇيو ويو ته انهن جو چوڻ هو ته صدر ٽرمپ داخلي معاملن کي درست ڪرڻ گهري ٿو، هن روس ۽ ٻين عالمي قوتن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آمريڪي اسٽيبلشمنٽ ۽ ادارا کيس چرڻ پرڻ ئي نٿا ڏين ، انڪري صدر جو زور ويڪيشن تي آهي!

Asif Zardari

مائنس ٿري يا مائنس فور ۾ آصف زرداريءَ جي خلاف قدم کڄڻ جي حوالي سان تمام گهڻن شڪ ۽ شبهن جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته واڳ ڌڻي زرداري جي خلاف جيڪي قدم ماضي ۾ کڻي چڪا، هاڻ وڌيڪ گنجائش ناهي.هن طاقتور ڌرين سان معاملا ٺاهي رکيا آهن.هن جي ٽيم جي ڪجهه وزيرن ۽ اهم شخصيتن جي خلاف جيڪي قدم کنيا ويا، انهن مان به ڪو کڙتيل نه نڪتو. انڪري وڌيڪ زور لڳائڻ جو ڪو فائدو نه آهي.زرداري اينڊڪمپني پنهنجي خلاف قدمن کي ڪائونٽر ڪرڻ به سکي وئي آهي.جڏهن ته واشنگٽن ۾ موجود ڪجهه حلقن جي اڳيان زرداري جي حوالي سان قدمن کي ڌڪي بازي قرار ڏنو ويو ته هنن جو چوڻ هو ته اهو ممڪن آهي ته هو هن ”فيملي پلاننگ“ مان بچي وڃي.پر جيڪڏهن هن جي خلاف ڪو قدم کنيو ويو ته زرداري کي گهڻو نقصان نه ٿيندو.هو تقريبن رٽائرمنٽ جي ويجهو آهي ۽ مستقبل جا سياسي شاٽس بلاول ڀٽو کي کيڏڻا آهن.

جيستائين سياست ۾ اسٽيبلشمنٽ ۽ عدليا جو وڌندڙ مداخلت جو واسطو آهي ته اهو انتهائي خطرناڪ آهي. هن ”رسم “ کي ٻنجوڏيڻو پوندو، پوءِ ڇونه پارليامينٽ سياستدانن کانسواءِباقي مقدس ڳئون جو احتساب ڪرڻ لاءِ قانوني سازي ڪرڻي پئي.هي ٽڪراءَ بيڪ فائر به ٿي سگهي ٿو،جنهن مارشل لا جي ڳالهه پرويز مشرف ڪري رهيو آهي، ممڪن آهي ته ان جو ورجاءَ انتهائي صورتحال ۾ ڪيو وڃي،جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ وڏي تباهي ايندي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *