Friday , March 29 2024

مريم نواز جي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ     سنڌسماءَچار) ”نون ليگ ڊگهي ڊوڙ وارو گهوڙو آهي، اوهان ۾ اسان جهڙي ويڙهه وڙهڻ جي همٿ نه اڳ هئي نه ئي هاڻي آهي”، اهو چوڻ آهي نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو، لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته، ن ليگ جمهوري پارٽي آهي، ان ۾ اختلاف هر ڪنهن جو جمهوري حق آحي، پر ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ ضمني اليڪشنز اختلافن کي هڪ پاسي رکي ٻڌي ڪري ميدان ۾ لٿاسين ته ڪاميابي ماڻي. مريم نواز چيو ته هر وقت بيانيي جي ڳالهه ان ڪري ٿيندي آهي، ڇو ته اسان وٽ هڪ بيانيو آهي، ڪنهن ٻئي وٽ بيانيو آهي ئي نه، نواز شريف جو هڪ ئي بيانيو آهي، اسان جو بيانيو اهو آهي ته اسان پي ٽي آءِ جي ڳڙهه نوشهرا ۾ ڪاميابي ماڻي، نواز شريف گهر ۾ گهڙي ماريندو آهي، تنهن ڪري سڀ ان کان ڊڄندا آهن. هن چيو ته اتحاد جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ وارن کي ٻڌائڻ گهران ٿي ته نون ليگ ڊگهي ڊوڙ جو گهوڙو آهي، ان سان مقابلو ڪرڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي، اسان جهڙي ويڙهه وڙهڻ اوهان جي وس ۾ ناهي.

هن چيو ته نواز شريف جي ڪا به اهڙي ڳالهه يا بيانيو ناهي جو آئين، قانون، جمهوري اصولن ۽ جمهوريت جي خلاف هجي، جيڪڏهن اسان خلاف ڪنهن سازش ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ اچي ٿو. سندس چوڻ هو ته اختلاف راءِ زندهه جماعتن ۾ هوندي آهي، ان تي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اسان سڀ پنهنجي راءِ ڏيندا آهيون، پوءِ جڏهن ميان صاحب فيصلو ڪري ڇڏيندو آهي ته شهباز شريف، مريم نواز، حمزا شهباز سڀ سپاهي بڻجي بيهندا آهن.

مريم نواز بلاول ڀٽو ۽ پيپلزپارٽي جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هڪ اهڙي جماعت آهي، جيڪا اسان جي باري ۾ چوندي آهي ته اها وڙهي نٿا سگهن ۽ مجبور آهن، پيش ائين ڪندي آهي ڄڻ حڪومت انهن جي ٺهڻ واري آهي پر چونڊن ۾ انهن کي ووٽ رڳو ٻه چار ملندا آهن، ڪراچي ۾ انهن کي پنهنجي ڳڙهه ۾ ن ليگ کي هارائڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي، سڄي حڪومتي مشينري استعمال ڪرڻي پئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *