Friday , March 29 2024

مردن جي معاشري جو آءِ جي سنڌ؛ الهڏنو خواجا – اصغر آزاد

خميس واري ڏينهن شام ڌاري سکر ۾ آءِ جي سنڌ الهڏنو خواجا ميڊيا سان ڳالهائيندي، هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو، سندس ڳالهه ٻولهه معاشري جا اصل تاڪ لڳائي ڇڏيا. عورتن کي حقير سمجهندڙ سماج (جنهن ۾ پڙهيل لکيل ۽ ترقي پسند به شامل آهن) جي ڪنن مان دونهان ان وقت نڪتا جڏهن، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ، ايماندارن جي سرتاج عالي جناب الهڏنو خواجا، عورتن بابت هڪ نظم به پڙهيو.

عالي جناب الهڏنو خواجا صاحب، پنهنجي سڄي تقرير دوران، لاڙڪاڻي ۾ مرداڻي سماج جي وحشت جو نشانو بڻجي هڪ ڪلاڪار ۽ سندس هڪ ٻار جنهن کي هن وحشت ڀريي مرداڻي سماج ۾ اچڻ لاءِ چار پنج مهينا پنهنجي امڙ جي پيٽ ۾ پلجڻو هو جو خون ڪيو ويو هو. خون جنهن جو هن مرداڻي سماج ۾ 30 لک رپيا مُلهه مقرر ڪيل آهي.

آءِ جي پي سنڌ الهڏنو خواجا ته ثمينه سنڌو ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار جي قتل هڪ لفظ به نه ڳالهايو، پر سلام آهي، سکر ۾ ” قائد صحافت “ جي قافلي جي مجاهدن کي، جن هڪ اکر به هن معاملي تي سوال جي صورت ۾ پنهنجي مبارڪ چپن تي ڪو نه آندو. منهنجو انهن کي سلام آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *