Friday , March 29 2024

مرتضيٰ چانڊيو جي گهر ڀاتين جي گرفتاري جو ڪرم الله ڪيس سان واسطو ناهي:اُمِ رباب چانڊيو

ميهڙ (سنڌسماءَچار نيوز) ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس جي جوابدار مرتضيٰ چانڊيو جي وارث عورتن جي گرفتاري واري معاملي بابت حقيقتون لڪايون ويون آهن، مقتولن جي وارثن ام رباب چانڊيو ۽ ٻين چيو آهي ته عورتن جي گرفتاري کي اسان جي ڪيس سان ڳنڍيو ويو، جيڪو حقيقتن جي ابتڙ آهي. جوابدار مرتضيٰ چانڊيو هڪ ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي ۽ دادو ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن. سندن چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس مرتضيٰ چانڊيو جي وارث عورتن کي حراست ۾ ورتو يا باقائده گرفتار ڪيو ۽ ميڊيا تي سندن گرفتاري ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس پٽن جي قتل ڪيس سان ڳنڍيو ويو پر حقيقت ائين ناهي. اهڙيون افواهون هلائي اسان جي ڪيس کي ڪمزور ڪري جوابدارن لاءِ همدرديون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، خبر ناهي ته ان جي پويان ڪهڙا ڪارڻ آهن .

ڪرم الله چانڊيو ڪيس جي سلسلي ۾ انصاف لاءِ سوشل ميڊيا جي رابطن واري ايپ واٽس ايپ تي فرحان نالي شخص جو ان سلسلي ۾ ڪجهه هيئن چوڻ آهي ته، ” افسوس ته ڪو چور به پڪڙجي ته ميھڙ واقعي سان منسلڪ ڪيو ٿو وڃي، ٽن شھيدن جو خون ڪئين لوڙھيو ٿو وڃي، مختلف ڪيسز ۾ گھربل روپوش جوابدار مرتضي چانڊيو جي گھر وارن جي ڪنھن ٻئي ڪيس ۾ گرفتاري کي ميھڙ جي شھيدن جي ڪيس  سان ڇو ڳنڍيو ويو ؟؟ ام رباب ۽ صداحسين کان موقف ڇو نه ورتو ويو؟؟؟  جڏھن ڪوبه ماڻھو قتل ڌاڙا ڦرون ڪري روپوش ٿي ويندو پنھنجين گھر وارن  کي ائين اڪيلو ڇڏيندو ته پوءِ اھي ڇا ڪندا؟؟؟  مرتضي چانڊيو جي گھرن وارن جي گرفتاري سان ميھڙ واقعي جو ڪوبه تعلق ناھي مرتضي جي ڪرمنل ريڪارڊ موجب ھو،  ڪئين ڪيسن ۾ گھربل پڻ آھي. ادي  ام رباب پاڪستان ۽ قانون سان محبت رکندڙ غيرت مند پئُ جي غيرت مند نياڻي آھي ۽ ھو لاء (قانون) جي اسٽوڊنٽ آھي، ھن کي قانون ھٿ ۾ وٺڻو ھجي ھا ته ان ڏينھن وٺي ھا جنھن ڏينھن ھن جي گھر مان ٽي لاش نڪتا ھئا  اسان کي افسوس آھي معصومن ۽ مظلومن تي ڪوڙا الزام لڳائي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيئن ھو ڪيس تان ھٿ کڻن…! “

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *