Tuesday , March 19 2024

مراد علي شاهه پاران پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت جي هڪ پيج تي هجڻ اعتراف

آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديلي واري معاملي تي وفاق سان اختلاف ناهي،هڪ پيج تي آهيون:مراد علي شاهه

عمرڪوٽ(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيٺ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي ته، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت هڪ پيج تي آحن، عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه جي لاڏاڻي تي وارثن سان تعزيت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، آءِ جي سنڌ جي بدلي واري معاملي تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ ئي پيج تي آهن، آءِ جيءَ جي بدلي واري ۾ ڪجهه گهرجون هجن ٿيون اهي مڪمل ٿي وڃڻ ۾ ٽائيم لڳي ٿو ۽ جلد آءِ سنڌ ڪليم امام بدلي ٿي ويندو. وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته، وفاق ۽ اسان هڪ ئي پيج تي آحيون جيڪڏهن اختلاف آهن ته صرف ۽ صرف ان ڳالهه تي جيترو حصو ٻين صوبن کي ملي ٿو، اُهو سنڌ کي به ملڻ گهرجي، انشاءَالله اهي مسئلا به حل ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻيون ڀيرو اٽي جو بحران ٿيو آهي، پهرين نواز شريف دور ۾ ٿيو، تڏهن به ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي وئي، هن وقت عمران خان افغانستان کي امداد ڏئي بحران پيدا ڪيو آهي. پاسڪو کان ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، ٽرانسپورٽ جي ڪري مسئلو پيدا ٿيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ مسئلو حل ٿي ويندو. سيد علي مردان شاهه جي وارثن سان تعزيت وقت وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، صوبائي وزير شبير بجاراڻي، صوبائي تيمور ٽالپر، نواب يوسف ٽالپر ۽ اڳواڻ موجود هئا. اُن موقعي تي وڏي وزير چيو ته علي مردان شاهه جي لاڏاڻي سان پارٽي کي وڏو نقصان پهتو آهي، علي مردان شاهه منهنجي والد سان گڏ سياست ڪئي، هو اسان جو سينيئر ۽ استاد هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *