Thursday , April 25 2024

مراد علي شاهه پاران ٽن مهينن بدران پوري سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) وفاقي حڪومت پاران ٽن مهينن بدران پوري سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ تي تنقيد ڪندڙ ۽ غير قانوني سڏيندر پ پ جي سنڌ حڪومت پاران به ٽن مهينن بدران پوري سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، بجيٽ ڏهين مئي تي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ ناڻي واري وزارت جو قلمدان وڏي وزير وٽ هجڻ ڪري نئين مالي سال 19-2018 جي بجيٽ به سيد مراد علي ساهه ئي ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ترجمان چيو آهي ته، وڏو وزير 5 مئي بدران 10 مئي تي سنڌ جي نئين مالي سال 19-2018 جي بجيٽ پيش ڪندو، سنڌ جي وڏي وزير سيدمراد علي شاهه ، جيڪو خزاني جو وزير به آهي، سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڏو وزير 10 مئي تي ٻنپهرن جو ٽئين وڳي بجيٽ پيش ڪندو.

وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان مطابق  بجيٽ سموري سال لاءِ هوندي، ان بجيٽ کي نگران حڪومت استعمال ڪري سگهندي. ترجمان مطابق چئن مهينن کانپوءِ نئين حڪومت کي وڌيڪ نون مهينن جي بجيٽ جي سنڌ اسيمبلي کان منظوري وٺڻي پوندي.

ياد هجي ته پاڪستان پيپلز پارٽي، ن ليگ جي وفاقي حڪومت پاران وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي. پ پ ۽ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ به ڪيو هو. سيد خورشيد احمد شاهه، رضا رباني ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي سخت مخالفت ڪندي رهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *