Friday , March 29 2024

مراد علي شاهه خلاف ڪرپشن ۽ بي ضابطگين خلاف جاچ شروع، وڏي وزير جو نيب ۾ بيان رڪارڊ

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽرز  سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير جون به ڪرپشن جي الزامن هيٺ نيب ۾ حاضريون شروع ٿي ويون آهن، مراد علي شاهه ڊي جي نيب سنڌ جي آفيس لاڳاپيل عملدارن آڏو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. نيب سنڌ جي وڏي وزير خلاف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ وارن الزامن جي جاچ شروع ڪري ڏني، مراد علي شاهه جي گذريل ڏينهن نيب ڪراچي جي ٽيم آڏو پيش ٿيڻ جو انڪشاف، نيب جو چوڻ آهي ته مراد علي شاهه نيب آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو، وڏي وزير تي الزام آهن ته هن 2012ع ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر طور قاعدن ۽ ضابطن جون ڀڃڪڙيون ڪندي ڀرتيون ڪيون.

نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن نيب ڪراچي جي ٽيم آڏو پيش ٿي بيان ريڪارڊ ڪرايو. وڏي وزير تي الزام آهي ته هن 2012ع ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر طور قاعدن ۽ ضابطن جون ڀڃڪڙيون ڪندي ڀرتيون ڪيون. وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو ته اسٽيوٽا پاليسي ۾ ترميم ڪري سب ڪميٽي جي ذريعي ڀرٿيون ڪيون هيون.ساڳي ڪيس ۾ اسٽيوٽا جو اڳوڻو ايم ڊي حزب الله عباسي ۽ يوسف بلوچ پهريان ئي نيب جي حراست ۾ موجود آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيب وڏي وزير مراد علي شاهه کان آڊيٽر جنرل جي 2016 ۽ 2017 جي رپورٽ ۾ وزيراعليٰ هائوس جي بجيٽ ۾ ٿيل بي ضابگين بابت به پڇاڳاڇا ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *