Friday , March 29 2024

مراد علي شاهه جي ٽياڪڙي ڪم نه ڪيو، نيب پاران خورشيد شاهه ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف جاچ تيز

سنڌ جي وڏي وزير جي ٽياڪڙي ڪم نه آئي، خورشيد شاهه جي پريشانين جو نئون سلسلو شروع

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) خورشيد ساهه پاران نيب کان ريليف حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي  وزير سيد مراد علي شاهه معرفت هلندڙ ڪوششن جو کڙتيل نه نڪري سگهيو، نيب پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه سميت سندس گهر ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آحن، نيب سکر ۽ دادو جي ڊي سيز کي  سندن ملڪيتن جا تفصيل ڏيڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. نيب مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت اڳوڻي وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه، سندس ٻن گهر وارين، ٻن پٽن، ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ جي وزير سيد اويس قادر شاهه سميت سمورن گهر ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. نيب سکر، دادو ۽ سکر جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي سيد خورشيد شاهه ۽ سندس گهر ڀاتين جي ملڪيتن جا مڪمل تفصيل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. نيب سکر پاران اٺاويهين آگسٽ تي سکر ۽ دادو ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته 2 سيپٽمبر تائين تفصيل مهيا ڪيا وڃن.

نيب سکر پاران جاري ڪيل خط ۾ تفصيل سان لکيو ويو آهي ته، سيد خورشيد شاهه، سندس ٻن گهروارين بيبي طلعت ۽ بيبي گل ناز، خورشيد شاهه جي ٻن ڌيئرن عروج شهربان، سيرت منصور، پٽ فرخ احمد شاهه، پٽ زيراق شاهه، شمائلا ڌيءُ مشتاق علي شاهه، عميمه ناز ڌيءُ مشتاق علي شاهه، سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي وارو وزير سيد اويس قادر شاهه ۽ سندس ڀاءُ جنيد قادر شاهه شامل آهن.ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سيد خورشيد شاهه پاران گذريل ٻن هفتن کان لاڳيتو نيب کان ريليف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون هلندڙ هيون، ان سلسلي ۾ خورشيد شاهه وڏي وزير سان ٽي کان  وڌيڪ نويڪلائي ۾ ملاقاتون به ڪري چڪو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، وڏي وزير معرفت ڪجهه بااثر شخصيتن سان هلندڙ ڳالهين دوران معاملا مثبت رخ ۾ هلڻ شروع ٿيا ته، وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف پ پ پ جي فاورڊ بلاڪ جي سرگرم ٿيڻ ۽ ملاقاتون تيز ڪرڻ واريون خبرون هلرايون ويون، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙيون خبرون پيپلز پارٽي ۾ جي اڳواڻ فريال ٽالپر پنهنجي ڪهه خاص پارٽي اڳواڻن معرفت ميڊيا جي ڪجهه حصي ۾ هلرايون ۽ اهڙيون فارورڊ بلاڪ بابت خبرون فريال ٽالپر جي گروپ ئي هلرائي سيد مراد علي شاهه کي چڙائي وڌو، جنهن خرشيد وارو معاملو به خراب ٿي ويو.

سينئر پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه طبي معائنو ڪرائيندي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *