Friday , April 26 2024

مذهبي ٽولين پاران ڪراچي شهر ۾ 10 کان وڌيڪ هنڌن تي ڌرڻا،عوام آزار ۾، ڪنهن جي ڪن تي جونءَ نه چُري

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) ڇنڇر واري ڏينهن اسلام آباد مذهبي جماعتن جي مختلف ٽولين جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيل آپريشن بعد شروع ٿيل غيريقيني واري صورتحال عام شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. آپريشن ڌرڻو ختم نه ٿي سگهيو پر اسلام آباد کانپوءِ ڪراچي، لاڙڪاڻو، راولپنڊي ۽ فيصل آباد سميت ملڪ جا اڪثر وڏن شهرن ۾ ڪارونهوار رڪجي ويو آهي.

ملڪ جي ٻين شهرن جيان سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار ڀرسان نمائش چورنگي، ٽاور سميت 15 کان پووڌيڪ جاين تي سني تحريڪ سميت ٻين هم خيال مذهبي ٽولين پاران ڌرڻا جاري آهن. مذهبي ٽولين جي ڌرڻن سبب شهر ۾ ڪاوهنوار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ عام ماڻهن کي به شهر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي پاسي وڃڻ ۾ انتهائي ذهني عذاب ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. ڌرڻن جي خاتمي ۽ شهرين کي عذاب مان ڪڍڻ تائين سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪا به پاليسي واضع ناهي ڪري سگهي.

ڪراچي کانسواءِ لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ جي دروازي آڏو جماعت اھلسنت ۽ سند حمايتي مذهبي ٽولين جي ڪجهه ڊزن ماڻهو ڌرڻو هڻي ويٺا آحن، جنهن جي نتيجي ۾ سڄو شهر متاثر ٿيو آهي، ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ سبب ماڻهو ذهني عزاب ۾ ورتل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *