Friday , March 29 2024

مدي ۾ واڌ بعد به رٽائرڊ جنرل آرمي چيف سڏائيندو؟ سپريم ڪورٽ

مدي ۾ واڌ بعد به رٽائرڊ جنرل آرمي چيف سڏائيندو؟10سالن تائين جنرل مدي ۾ واڌ وٺندا رهيا ۽ ڪنهن سوال به نه ڪيو؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(خاص نمائندو/مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ کانپوءِ به ڇا رٽائرڊ جنرل آرمي چيف سڏائي سگهي ٿو؟ ماضي ۾ 10سالن تائين جنرلز ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺندا رهيا ۽ ڪنهن پڇيو ئي ڪو نه؟ اهي سوال سپريم ڪورٽ ۾ آمري چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي مشتمل بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آرمي چيف پاران اڳوڻي وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ وفاقي حڪومت پاران اٽارني جنرل آف پاڪستان

چيف جسٽس چيو ته، رول 255 آرمي جي رٽائرڊ آفيسرز جي معاملن بابت آهي؛ اهو آرٽيڪل آرمي چيف کي ڊيل نه ٿو ڪري، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت قانون بابت ٻڌايو….ٻڌڻي ملتوي ٿي آهي، تفصيل ڪجهه دير بعد)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *