Friday , April 19 2024

مدئجي ويجهو 5 ڏينهن اڳ نينگري سان زيادتي وارو معاملو، نينگري جي ماسي ۽ سندس چاهيندڙ گرفتار

ماءُ برابر ماسي تي پنهنجي معصوم ڀاڻيجي سان زيادتي ڪرائڻ ۾ ملوث نڪتي، امام زادي ۽ جوابدار محبوب بنگلاڻي گرفتار

شڪارپور(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) مدئجي ڀرسان نينگري سان زيادتي واري واقعي ۾ نينگري جي ماسي سندس ماسي جي ملوث/سهولتڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڳڙهي ياسين پوليس امام زادي ۽ جوابدار محبوب بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 5ڏينھن اڳ مدئجي ويجھو امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ 8 سالن جي معصوم (س) سان زيادتي ڪندڙ جوابدار محبوب بنگلاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، نينگري کي حوس جو نشانو بڻائيندڙ وحشي جوابدار محبوب بنگلاڻي واقعي کانپوءِ سانگھڙ ڀڄي ويو ھو. جنھن کي پوليس ڳجھي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو آھي. ايڊيشنل آءِ جي سکر وڌيڪ چيو ته جوابدار پنھنجي چاھيندڙ امام زادي سان ملڻ لاءِ آيو ھو، ناري امام زادي پنهنجي ڀاڻيجي (س) کي محبوب بنگلاڻي کي تحفو ڏيڻ لاءِ اماڻيو، جنهن بعد جوابدار نينگري کي موٽرسائيڪل تي کنڀي ويو ۽ کيس زيادتي جو نشانو بڻايو. ايڊيشنل آءِ جي سکر دعويٰ ڪئي ته نينگري جي ماسي به زيادتي واقعي ۾ ملوث هئي، کيس ٽي ڏينهن اڳ  گرفتار ڪيو هو. ڊاڪٽر جميل احمد جو چوڻ هو ته، ھڪ مھينو اڳ ڳڙھي ياسين جي آغا فارم ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ٻي نينيگري فوزيه اوڍو سان زيادتي ڪندڙ جوابدر لياقت ۽ شوڪت کي به گرفتار ڪيو ويو آھي، جن جي ڊي اين اي ٽيسٽ جي نتيجن اچڻ جو انتظار آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ٻارڙين سان زيادتين وارا واقعا پيش اچڻ سماجي بي حسي آھي ۽ سوشل ميڊيا تي به خراب مواد اپلوڊ ٿيڻ جي ڪري پڻ واقعا پيش اچن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *