Friday , April 26 2024

مختلف علائقن ۾ باهه جي واقعن ۾ 28 گهر سڙي ويا

ڪراچي (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ باهه جي واقعن سبب 28 پورهيتن جا گھر سڙي ويا، سندن گھرن ۾ پيل اناج سميت سمورو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. سنڌڙي ويجھو چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ڀٽَ برادري جا 12 گھر سڙي ويا. ڳوٺ يار محمد مڱريو ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب گلشير، گھمن، ڏرنگي، نظرو، خميسي ۽ عارب سميت 12 ڄڻن جا گھر سڙي رک ٿي ويا. اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو. ڇاڇري ويجھو ڳوٺ ڪونڀو جي ڍاڻي ۾ رڌ پچاءُ دوران باهه لڳڻ سبب 13 گهر سامان سميت سڙي ويا. ڇاڇري جي هڪ ٻئي ڳوٺ عمر انڙ ۾  باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ انڙ برادري جي پنج پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا. ٽنڊي ڄام ويجھو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڀيل ۽ ماڇي برادري جا 7 گھر سڙي ويا. ڳوٺ الهه ڏنو ساند ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ پتاشو، چيتن، پيرت ڀيل، لالو ۽ شبير ماڇي سميت 7 ڄڻن جا گھر سڙي ويا. بخشاپور ويجھو باهه لڳڻ سبب 5 گھر سڙي رک ٿي ويا. ڳوٺ آفتاب مرهٽي ۾ ادب، آفتاب، راحب ۽ امداد مرهٽي سميت پنجن ڄڻن جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ سمورو سامان سڙي ويو. بدين جي سيراڻي اسٽاپ ڀرسان گهرن ۾ اوچتو  باهه ڀڙڪي پئي، نتيجي ۾ 7 گهر سامان سميت سڙي رک ٿي ويا.  باهه متاثرن موجب اطلاع باوجود فائربريگيڊ گاڏي دير سان پهچڻ سبب سندن وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. خيرپور ناٿن شاھه ويجھو ڳوٺ مريد ٻٻر ۾ پورھيت غلام سرور ٻٻر جي گھر کي باھه لڳڻ جي نتيجي ۾ 200 مڻ بُهھ ۽گھرو سامان سڙي رک ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ عملي پهچي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان باھه تي ضابطو آندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *