Friday , March 29 2024

”مخالفن خلاف ڳالهائڻ وقت سنڀالي ڳالهاءِ يا وزارت ڇڏ“: فواد چوڌري کي قيادت جي وارننگ

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) مخالف سياسي پارٽين خلاف انتهائي سخت لهجي ۾ ڳالهائيندڙ وفاقي وزير فواد چوڌري جي وزارت خطري ۾ پئجي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت فواد چوڌري کي هدايت ڪئي آهي ته هُو پنهنجو لهجو سڌو ڪري يا وزارت تان استعيفيٰ ڏئي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، تحريڪ انصاف فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ قانون سازي واري معاملي تي گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، پيپلز پارٽي پارٽي ۽ نون ليگ پاران چٽي طرح سان مخالفت کانپوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت کي پيغام پهچايو ويو آهي ته، اپوزيشن جون پارٽيون اوهان جي غير ضروري سخت رويي جيڪري حڪومت جي ڪنهن به عمل جي حمايت ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهن ۽ اهو ئي  ڪارڻ آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي به پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ کتو جواب ڏئي رهيون آهن، جنهن سان هي معاملو هٿن مان نڪري سگهي ٿو يا وري سخت تنقيد جي ورچڙهي تڪراري بڻجي ويندو.

سنڌسماءِچار کي مليل ڄاڻ مطابق، پي ٽي آءِ جي قيادت کي مليل اهڙي پيغام کانپوءِ، پي ٽي آءِ اڳواڻن شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، نديم افضل چن ۽ شفقت محمود کي ذميواري ڏني وئي آهي ته، اُهي اپوزيشن جماعتن خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ سان ذاتي لاڳاپا استعمال ڪري ڳالهيون ڪن. انهن اڳواڻن کي ان ڳالهه جي به ڇوٽ ڏني وئي آهي ته، جيڪڏهن اُهي پ پ ۽ ن ليگ سان ڪجهه معاملن تي ”ڪجهه ڏيو، ڪجهه وٺو“ تي معاملا سڌا ڪن ٿا ته پارٽي قيادت سندن فيصلن کي مان ڏيندي. سنڌ سماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ئي پارٽي قيادت کي چيو آهي ته اُها وفاقي وزيرن خاص طور تي فواد چوڌري، مراد سعيد، فيصل واوڊا، حليم عادل شيخ کي پنهنجو رويو سڌارڻ لاءِ هدايت ڪرڻ جو چيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي قيادت انهن سمورن اڳواڻن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اُهي اپوزيشن خلاف پنه جي بيان بازي بند ڪن ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته ڪنهن به قسم جي تڪراري ڳالهه نه ڪئي وڃي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سُڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري کي وارننگ ڏني وئي آهي ته، جيڪڏهن هُو پنهنجو رويو نه سڌاريندو ته پوءِ وزارت تان استعيفيٰ ڏئي گهر ويهي رهي. ان ئي سلسلي ۾ حليم عاد شيخ کي پيغام ڏنو ويو آهي ته، هُو به پنهنجي بيان بازي ۾ احتياط کان ڪم وٺي ٻي صورت ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت سندس خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪئي ته پوءِ هُو ذاتي طور ان کي منهن ڏيندو پارٽي سندس ڪا به مدد نه ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *