Friday , April 19 2024

محمود خان ڪي جو وڏو وزير نامزد، عمران خان پاران پنجاب جي وڏي وزير لاءِ نوجوان اميدوار نامزد ڪرڻ جو اعلان

 ڪي پي جو نامزد وڏو وزير محمود خان (فائل فوٽو)

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڪي پي جي وڏي وزير لاءِ محمود خان کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ وڏي وزير لاءِ هڪ نوجوان ۽ ڪابينا جي تجربيڪار ٽيم آڻي رهيو آهيان، جنهن تي ڪو به سوال نه ٿو اٿاري سگهي، سڀ تيار ٿي وڃن نئين پاڪستان جي شروعات پنجاب کان ئي ٿيندي. اسلام آباد ۾ پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب ۾ حڪومت سازي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڏکئي وقت ۾ چونڊون وڙهڻ تي هو سڀني کي واڌايون ڏئي ٿو، سڀني کي خبر هئي ته اصل جنگ پنجاب ۾ هئي. منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو عذاب پارٽي ٽڪيٽن جي ورڇ هئي،  اسان کي ٽڪيٽن جي ورڇ واري عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو آهي، جتي اسان جي ڪمزوري آهي اتي هينئر کان ڪم شروع ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان پي ٽي آءِ کي هڪ ادارو بڻائينداسين، اسان ملڪ مان سفارشي ڪلچر جو خاتمو آڻينداسين ۽  ان لاءِ سڀ کان وڏي ذميواري پنجاب وارن تي آهي.پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته اسان کي انصاف ميرٽ تي ڪرڻو آهي، اسان کي قوم جو پئسو بچائڻو آهي ته جيئن اهي عوامي ڀلائي تي  خرچ ڪري سگهجن. پنجاب ۾ اسان کي تمام گهڻا چئلينجز آهن، اڳواڻ تيار رهن تبديلي جي شروعات پنجاب کان ئي شروع ٿيندي.

هن چيو ته پنجاب جو عوام ڳچ وقت کان مفلسي واري زندگي گهاري رهيو آهي، پي ٽي آءِ پنجاب جي عوام کي رليف ڏيندي.عمران خان جو چوڻ هو ته پنجاب پوليس ۾ ڪي پي پوليس جيان سڌارا آندا ويندا، پنجاب پوليس کي به سياست کان پاڪ ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته پنجاب جو وڏو وزير هڪ نوجوان ۽ سندس ڪابينا تجربيڪار هوندي، وڏو وزير اهو هوندو جنهن تي هڪ پائي جي به ڪرپشن جو الزام نه هوندو ۽ اوهان سڀ انهي کي سپورٽ ڪجو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *