Thursday , April 25 2024

متحده اڳواڻ خواجا اظهار جو ڀاءُ خلاف قبضا خوري جو ڪيس داخل

خواجا ابصارالحسن           خواجا اظهارالحسن

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي ڀاءُ خلاف سرڪاري ۽ نجي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪي ڊي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته ابصار الحسن زمينن تي قبضا ڪيا آهن. ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ ڪي ڊي اي جي زمين تي قبضي  جي الزام ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن  جي ڀاءَ خواجا ابصار الحسن ۽ حبيب انصاري  جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.  ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي ڀاءَ جي خلاف ڪي ڊي اي جي آفيسر ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسٽيٽ انفورسمنٽ سيل  ڪي ڊي اي خرم شهباز جي درخواست تي داخل ڪيو ويو . سرجاڻي ٽائون جي ٿاڻي  تي ڪيس 27 آگسٽ تي داخل ڪيو ويو.خواجا اظهار جي ڀاءَ جي خلاف ايف آئي آر نمبر 509/18 داخل ڪئي وئي. جوابدارن تي الزام آهي ته انهن 12 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *