Thursday , April 25 2024

مبينا طور گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج، پوليس جي لٺبازي

سکر ۾ ٻن مبينا طور گم  ڪيل ڳوٺاڻن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ ماڻهن مٿان پوليس ڪڙڪي پئي. ٻن ڳوٺاڻن مرتضيٰ ۽ سندس دوست جي وارثن سکر پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن  جوچوڻ هو ته پوليس سندن ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جي نه ته گرفتراري ظاهر ڪئي پئي وڃي ۽ نه وري سندن بابت ٻي ڪا معلومات ڏيڻ لاءِ تيار آهي. احتجاج ڪندڙ پوليس خلاف به نعري بازي ڪئي جنهن تي پوليس اهلڪار مڇرجي پيا ۽ احتجاج ڪندڙن تي لٺين ريهٽ لڳائي ڏنو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي سري عام رستي تي گهليندي رهيا.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *