Thursday , April 25 2024

مان گهٻرائڻ وارو ناهيان،27ڊسمبر تي ثابت ٿيندو پ پ ختم ناهي ٿي:آصف زرداري

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ”اسان 27 هين ڊسمبر تي ثابت ڪنداسين ته پيپلز پارٽي کي نه ته ڪو ختم ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪوئي ان کي ختم ڪري سگهندو، منهنجي خلاف الزام ڪوڙا آهن“، اهو چوڻ آهي اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداريءَ جو، هن اهڙو اظهار بلاول هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو آهي. آصف زرداريجو چوڻ هو ته، منهنجي خلاف لڳايل سمورا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن، ڪوڙن دستاويزن ذريعي اسان کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو پيو وڃي، ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي آصف زرداري چيو ته مشڪل حالتن ۾ گهٻرائڻ وارا نه آهيون، ڏکين حالتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي نڪرنداسين، 27 ڊسمبر تي ثابت ڪنداسين ته ڪا به طاقت پيپلزپارٽي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. اڳوڻي صدر علي آصف زرداري چيو آهي ته منهنجي خلاف لڳايل سمورا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن، ڪوڙن دستاويزن ذريعي اسان کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو پيو وڃي پر اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون. ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن خورشيد شاهه، قمر الزمان ڪائرا، نثار کهڙو، قائم علي شاهه، مراد علي شاهه، لطيف کوسا ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آصف زرداري تي هلندڙن ڪيسز، ملڪي سياسي صورتحال ۽ 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي 11هين ورسي تقريبن بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري چيو ته اسان مشڪل حالتن ۾ گهٻرائڻ وارا نه آهيون، ڏکين حالتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي نڪرنداسين. هن چيو ته هو موجودا حالتن کي ڏکيو وقت نه ٿو چوي، مشڪل وقت اهو هو جنهن جو شهيد بينظير ڀٽو مقابلو ڪيو، هن آمرن جو ڄمي مقابلو ڪيو.

آصف زرداري چيو ته مون تي لڳايل سمورا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن، ڪوڙن دستاويزن ذريعي اسان کي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان تي جيترو به ظلم ڪيو وڃي اسان برداشت ڪرڻ جو حوصلو رکون ٿا پر ظلم ڪرڻ وارا ٿڪجي پوندا. آصف زرداري چيو ته 27 ڊسمبر تي پاڪستان جي عوام ثابت ڪندي تي پيپلزپارٽي کي ڪو به ختم نه ٿو ڪري سگهي ۽ عوام جي سهڪار سان اڳين چونڊن ۾ ڪاميابي به ماڻينداسين ۽ وفاق سميت سموري ملڪ ۾ اسان جي حڪومت هوندي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ کي ون يونٽ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هن چيو ته هڪ طرف سنڌ جو پاڻي ۽ گئس بند ڪئي وئي ته ٻئي پاسي صوبائي حڪومت کي ان جا جائز فنڊز به نه پيا ڏنا وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت وارن ڪالاباغ ڊيم خلاف به مهم هلائي پر ڪو به ان تي راضي نه آهي، اسان 18هين ترميم ذريعي 1973ع واري آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان 18هين ترميم تي ڪنهن به مصلحت جو شڪار نه ٿينداسين، اسان هميشه غير جمهوري قوتن کي شڪست ڏني آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *