Friday , April 19 2024

مائرن جو عالمي ڏينهن…!! گوادر ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ڪيل 9 پورهيتن جا مڙهه آلين اکين ۽ سوڳوار ماحول ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

kandiaro shaheed02

آچر ڏينهن 14 مئي تي سڄي دنيا مائرن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۾ مصروف هئي ته، بلڪل انهي مهل هزارين آلين اکين ۽ سنڌ ۾ سوڳ واري ماحول دوران، ڪنڊياري جي ڳوٺ محمد صديق لاکو ۾، گوادر ۾ شهيد ڪيل 9 پورهيتن جا مڙهه ڌرتي ماءُ جي حوالي ڪيا ويا. شهيد پورهيتن جي گهرن ۾ ماتم ۽ سڄي ڳوٺ لاءِ بغداد ٿيل هو. پورهيتن جا يتيم ٿيل ٻارڙا هنجون هاري رهيا هئا ته سندن امڙين، ونين، ڀينرن، عزيزن ۽ ڳوٺ وارن جي اکين جا سمنڊ به نيٺ سڪي ويا هئا.

گوادر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل 9 پورهيتن جا مڙهه ڪنڊياري ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، ڳوٺ مان هڪ ئي وقت 9 مڙهه کڄڻ تي ڪهرام مچي ويو، وفاقي حڪومت پاران شهيدن جي وارثن لاءِ 10 لک ۽ زخمين لاءِ 5-5 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو ويو آهي، واقعي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ٺيڪيدار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

گوادر ويجهو پشگان ۽ گنز روڊ وارن علائقن ۾ مرمتي ڪم ڪرڻ دوران اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ شهيد ٿيل ڪنڊيارو واسي 9 پورهيتن جي جنازي نماز ڪنڊياري جي ڳوٺ صديق لاکو ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ صوبائي وزير ضياءُ الحسن  لنجار، نواز ليگ اڳواڻ ظفر علي شاهه، ڊي سي نوشهرو فيروز وسيم شمشاد، ايس ايس پي پرويز چانڊيو ۽ ٻين سياسي سماجي شخصيتن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

kandiro shaheed01

شهيد پورهيتن جا مڙهه جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ٽريڪٽر ٽرالين ۾ رکي ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر پري پير مورند شاهه قبرستان پهچايا ويا،  جتي آلين اکين سان مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. هڪ ئي وقت 9 پورهيتن جا لاش کڄڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو،  واقعي سبب علائقي جو ماحول سوڳوار آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار شهيد پورهيتن جي وارثن کي 50-50 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته گورنر سنڌ محمد زبير وزير اعظم نواز شريف جي طرفان شهيدن جي وارثن لاءِ 10 لک ۽ زخمين لاءِ 5-5 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو آهي.

ٻئي پاسي گوادر ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل پورهيتن جا ٻه ڌار ڌار ڪيس گوادر جي ليويز ٿاڻي تي زخمي پورهيت قادر بخش جي مدعيت ۾ داخل ڪيا ويا آهي. ليويز ذريعن موجب ڪيس اڻڄاتل جوابدارن تي داخل ڪيا ويا، جنهن ۾ قتل ۽ دهشتگردي سميت مختلف قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *