Wednesday , April 24 2024

لکي غلام شاهه ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي،2 ٻارڙيون دٻجي فوت

شڪارپور(رپورٽر   سنڌسماءَچار) لکي غلام شاهه ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم ڀينرون دٻجي فوت ۽ 2 ٻارڙيون سخت زخمي ٿي پيون آهن، زخمي ٻارڙين کي اسپتال منتقل ڪري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا. ڳوٺ وزير آباد ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم ڀينرون چئن سالن جي آصبه ۽ ٽن سالن جي صدره ڌيءُ انوار ملڪ دٻجي فوت ۽ 2 ٻارڙيون ديبا ۽ مهوش ڌيءُ محمد علي ملڪ سخت زخمي ٿي پيون. زخمي ٻارڙين کي تعلقه اسپتال لکي غلام شاهه منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ٻارڙي مهوش جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *