Thursday , March 28 2024

سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران 1991 واري پاڻي ٺاهه تهي ان جي روح مطابق عمل ڪرڻ جو مطالبو، سنڌ کي ڀڙڀانگ ٿيڻ کان بچايو وڃي:پ پ ، متحده، ن ليگ ۽ ف ليگ ميمبرز

سنڌ اسيمبلي جي جمعي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي خيرالنساءِ مغل پاران  1991 واري پاڻي ٺاهه تي مڪمل عمل ڪرائڻ ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ واري معاملي تي بحث لاءِ پيشڪل ڄهراءِ تي بحث ڪيو ويو. سنڌي اسيمبلي جي پ پ فنڪشنل ليگ ۽ متحده پاڪستان جي ميم،برز پاران ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ورتو آهي ته، 91 واري پاڻي ٺاهه تي ان جي روح مطابق عمل ڪرايو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ عالمي معيارن مطابق هر حال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرائي سامونڊي پٽي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن سنڌ کي سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ کان روڪڻ ۽ 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پ پ ايم پي اي خير النساءِ مغل چيو آهي ته 1991 وارو پاڻي ٺاهه سنڌ جي مفادن جي خلاف هو، پر ان ٺاهه تحت به سنڌ کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم وٽ گهربل 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن دوران پ پ ايم پي اي خيرالنساءَ مغل پاران سنڌ کي سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ کان روڪڻ ۽ 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ واري ٺاهه تي بحث ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد چيو آهي ته پنجاب سنڌ سان ٺڳي ڪندي ٿل ڪينال کي پاڻي معاهدي ۾ شامل ڪرايو ۽ سنڌ کي زيادتين خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر آواز اٿارڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي ديوان چند چاولا چيو ته پنجاب زيادتيون بند نه ڪيون ته کيس وڏو ڀاءُ تسليم نه ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي ثمر علي خان چيو ته پاڻي معاملي تي پنجاب وڏي عرصي کان نا انصافيون ڪري رهيو آهي اهڙي عمل خلاف متحد ٿيڻو پوندو. اجلاس دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن سنڌ کي سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ کان روڪڻ ۽ 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *