Wednesday , April 24 2024

ليڊي هيلٿ ورڪرز کي جنسي هيسائڻ جي الزام هيٺ آيل ڪامورو ذولفقار ڌاريجو هيپاٽائيٽس پروگرام جو انچارج مقرر

ليڊي هيلٿ ورڪرز کي جنسي هيسائڻ جي الزام هيٺ آيل ڪامورو ذولفقار ڌاريجو خلاف ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ٿا ڪرايون: جسٽس گلزار احمد

ڪراچي / اسلام آباد ( رپورٽر / خاص نمائندو) سنڌ حڪومت پاران ليڊي هيلٿ ورڪرز کي جنسي طور هيسائڻ جي الزام هيٺ آيل پوليو پروگرام جي ايل ايڇ ويز جي انچارج ذوالفقار ڌاريجو کي هيپاٽائيٽس پروگرام جو انچارج مقرر ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اڄ ڪيس داخل ڪرائي ذوالفقارڌاريجو کي گرفتار ڪرايون ٿا، سنڌ سرڪار کيس بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ، سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هيسائڻ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ذوالفقار ڌاريجو ايل ايڇ ڊبليوز کي رات جو آفيس گهرائيندو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سيد شبير شاهه سپريم ڪورٽ کي درخواست  ڪئي آهي ته، ذوالفقار ڌاريجو خلاف اهڙي آبزوريشن نه ڏيو ان سان سندس ڪيريئر داغدار ٿي ويندو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ليڊي هيلٿ ورڪرز جي انچارج ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو حلفي بيان جمع ڪرايو. جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو ته سنڌ اندر ڪنهن به ليڊي هيلٿ ورڪر کي آفيس جي وقت کانپوءِ نه گهرايو ويو آهي ۽ عورتن کي هيسائڻ جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو آهي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس گلزار احمد چيو ته ڇو نه ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيون، اسان کي رڳو ٻه سٽون لکڻ جي دير آهي، اُهي لکي ڇڏيون ته هي نوڪريءَ تان فارغ ٿي ويندو. جسٽس گلزار چيو ته ذوالفقار ڌاريجو خلاف ڪيس داخل ڪرائي شام تائين کيس گرفتار ڪرايون ٿا. هي ليڊ هيلٿ ورڪرز کي رات جي وقت آفيس گهرائيندو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پاران ذوالفقار ڌاريجو کي هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام ۾ مقرر ڪرڻ واري بيان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي اُتي به عورتون هونديون، جِن کي هي ڪم ڪرائيندو. ايڊيشنل اي جي سنڌ چيو ته هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام ۾ عورتون نه آهن، ڊاڪٽر اُتي رڳو پنهنجو ڪم ڪندو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شبير شاهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سمورن ڪرپٽ ماڻهن جو دفاع ڪندا آهيو، ليڊي هيلٿ ورڪرز هڙتالون ڪيون ۽ هاءِ وي بند ڪيو، تڏهن سندن ڳالهه ٻڌي وئي. توهان کي اها خبر آهي ته سنڌ ۾ پوليو جا ڪيترا ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن. پنهنجا نوازي ڪندي 19هين گريڊ جي آفيسر کي 20هين گريڊ جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل اي جي سنڌ شبير شاهه چيو ته عدالتي آبزرويشن سان ڊاڪٽر ذوالفقار جو ڪيريئر داغدار ٿي ويندو. جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته سرڪاري نوڪري ڇا آهي؟ پوءِ توهان سرڪاري وهنوار کانسواءِ هر ڪم ڪندئو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *