Saturday , April 20 2024

ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڊِي جِي آءِ ايس آءِ رهندو..!!

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي 19 هين نومبر تائين ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجينس / آءِ ايس آءِ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ 20 هين نومبر 2021 کان عهدو سنڀاليندو، وزيراعظم آرمي چيف سان صلاح مشوري کانپوءِ نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن  وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪري اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جي ملاقات دوران مختلف معاملن تٿي ڳالهه ٻولهه ٿي.

وزيراعظم عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ تجويز ڪيل ٽن ليفٽيننٽ جنرلز جا انٽرويو ڪيا. پڌرائي مطابق انٽرويوز بعد وزيراعظم عمران خان ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد کي ڊائريڪٽر جنرل انٽر سرسز انٽيليجينس ( آءِ ايس آءِ ) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن بعد اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.  جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي. 19هين نومبر 2021 تائين ليفٽيننٽ فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ رهندو. نوٽيفڪيشبن مطابق ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد 20 هين نومبر 2021 کان نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ طور پنهنجو عهدو سنڀاليندو،

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *