Saturday , April 20 2024

لياقت آباد ۾ پ پ جو جلسو: رضا رباني ۽ شيري رحمان تقرير دوران ”ڪراچي اور سنڌ“ چوندا رهيا

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي پاران ڪراچي جي لياقت آباد واري جلسي کي خطاب دوران رضا رباني ۽ شيري رحمان ”ڪراچي اور سنڌ“ جو استعمال ڪندا رهيا ۽ هڪ موقعي تي پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري به ”ڪراچي اور صوبي“ جو استعمال ڪيو. لياقت جي ٽئنڪي گرائونڊ ۾ 44 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو سياسي طاقت جي مظهاري لاءِ ڪيل جلسي کي خطاب دوران، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني ۽ پ پ سينيٽر ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شيري رحمان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ”ڪراچي اور سنڌ“ چوندا رهيا.

جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي رهنما ميان رضا رباني چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ ڪهڙي تبديلي آڻڻ چاهي ٿو، هو بيٽنگ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو يا بالنگ، پورهيت ئي حقيقي انقلاب آڻي سگهن ٿا. ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ پ پ جي جلسي کي خطاب ڪندي ميان رضا رباني چيو ته ماضي ۾ پ پ ڪارڪنن کي ڳلين ۾ ڳولي ڳولي ماريو ويندو هو، اسان صبر سان ڪارڪنن جا لاش کنيا، پر شهر جي روشنين کي ختم ٿيڻ نه ڏنو.  موجودهه مسلم ليگ جي حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي آهي، هي بجيٽ وڏن وڏن پيٽ وارن سيٺين جي بجيٽ آهي، رضا رباني چيو ته، هي واپارين جي بجيٽ آهي پ پ ان کي رد ڪري ٿي. هن چيو ته موجودهه حڪومت ڪڏهن به ڪراچي سميت سنڌ جي عوام جو ڀلو نه سوچيو آهي.  ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيدمراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جا شهري پ پ جو ساٿ ڏين، اسان انهن جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هتي جيڪي آيا،انهن کي عزت ملي.هن چيو ته منهنجا وڏا عربستان مان آيا، پر هو هتان جا ٿي ويا، جيڪي هندستان کان آيا،انهن کي سنڌ واسين جيءَ ۾ جايون ڏنيون.

سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پ پ سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته، سنڌ باب الاسلام آهي، سنڌ اسيمبلي پاڪستان جو ٺهراءَ منظور ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن هڪ به بي گناهه جو رت وهائڻ کانسواءِ  ڪراچي جو امن بحال ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم سان اهڙو ٺاهه نه ڪيو، جنهن سان عوام جو نقصان ٿئي. وڏي وزير چيو ته عمران کي چئي ٿو ته هو وڃي ڪرڪيٽ کيڏي، عوام جي خدمت عمران خان جو ڪم ناهي، عوام جي خدمت صرف ڀٽو جا پوئلڳ ڪري سگهن ٿا. هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ن ليگ جا حڪمران چون ٿا ته انهن ڪراچي لاءِ 25 ارب رپيا رکيا آهن، بجيٽ ڪتابن ۾پهريان 25 ارب رپيا ڏيکاريا ته وڃن. بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ صرف 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن،5 ارب رپيا ته اسان ٻن ڏينهن ۾ خرچ ڪري ڇڏينداسين.هن نوازشريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو چئن سالن جي حڪومت دوران هڪ رات به ڪراچي ۾ نه رهيو.نوازشريف جي دل ڪراچي واسين سان گڏ نٿي ڌڙڪي.

جلسي کي خطاب ڪندي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شيري رحمان چيو ته آمريتن ڪراچي کي پنهنجي راند جو پلي گرائونڊ بڻايو، نسل پرستن ڪراچي جون روشنيون کسيون، وفاق ڪراچي واسين کان بجلي ۽ پاڻي کسيو.هن چيو ته وفاق ڪراچي سميت سنڌ کي حق ڏيڻ جا وعدا ڪيا، پر اهي پورا نه ٿيا. هن چيو ته حڪمرانن اسان جي ايندڙ نسلن کي گروي رکي ڇڏيو آهي.ن ليگ جي حڪومت هميشه سنڌ سان نڳي ماءَ وارو سلوڪ ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙي، سعيد غني ۽ ٻين اڳواڻن به جلسي کي خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *