Friday , April 19 2024

لياري ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي دوري دوران رهواسين پاران رستا روڪ،ريلي تي پٿراءُ

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) لياري جي علائقي هنڱورا آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي تي علائقي واسين پاران پٿراءَ ڪيو ويو ۽ مڇريل ماڻهن ان جي قافلي ۾ موجود گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، مڇريل ماڻهن جي پٿراءُ سبب پ پ جا ڪجهه ڪارڪن زخمي به ٿي پيا.قافلي ۾ شامل پ پ اڳواڻن جو چوڻ هو ته مخالف پارٽي جي شرپسندن بلاول تي قافلي تي پٿراءَ ڪيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تڪ اين اي 246 لياري جي علائقي هنڱورا آباد، پراڻي ڪلري پهتو،جتي مڇريل ماڻهن قافلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مظاهرو ڪندڙ عورتن جي هٿن ۾ خالي دلا ۽  مٽ هئا ۽ هو پاڻي جي فراهمي جا مطالبا ڪري رهيا هئا.ڪجهه مڇريل ماڻهن پيپلزپارٽي جي خلاف نعريبازي ڪئي ۽ پارٽي جي جهنڊي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.ان موقعي پٿراءَ سبب پ پ اڳواڻ نبيل گبول جي گاڏي جا به شيشا ٽٽي پيا.

مڇريل ماڻهن گاڏين تي ڏنڊا وسايا،جنهن ۾ پ پ جا ٻه ڪارڪن زخمي ٿي پيا.احتجاج ۽ تشدد سبب بلاول ڀٽو قافلي کي رڪجڻ جي هدايت ڪئي ۽ بعد  ۾قافلي کي موڙي چاڪيواڙا ڏانهن نيو ويو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن کي جواب ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ڪنهن به قسم جي تشدد کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نبيل گبول جو چوڻ هو ته مڇريل ماڻهن هميشه پ پ جي مخالفن جو ساٿ ڏنو.هن چيو ته لياري ۾ پ پ جي جانثارن جو وڏو تعداد موجود آهي،پر اسان جي چيئرمين صبر ڪرڻ لاءِ چيو آهي،ڇاڪاڻ ته لياري اسان جو پنهنجو علائقو آهي.

بلاول ڀٽوزرداري جو هنڱورا آباد کانپوءِ  قافلو چاڪيواڙي پهتو،جتان بلاول ڪلاڪوٽ جي علائقي چيل چوڪ پهتو.جتي پڻ ڪجهه ماڻهن گو بلاول گو، گو پ پ گو جا نعرا هنيا. بلاول ڀٽو زرداري رنڇوڙ جي علائقي گاهه منڊي پهتو، جتي پڻ بلاول جو شاندار آڌر ڀاءَ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪارڪن پ پ ۽ شهيد بي بي جا نعرا هنيا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *