Friday , April 19 2024

لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران بحرياٽائون ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف احتجاج

لنڊن ( پريس رليز) سنڌ ۾ بحريا ٽائون  جي والار سوڌو سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سنڌ تي پوري سنڌ جيان لنڊن ۾ رهندڙن سنڌين ۽ بلوچن طرفان به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي سنگت يوڪي طرفان ڪيل احتجاجي مظاهري ۾ بلوچ نيشنل موومينٽ، بلوچ هيومن رائٽيس ڪائونسل جي اڳواڻن سوڌو سنڌين ۽ بلوچن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ بحريا جي والار، سنڌ دشمن منصوبن ۽ سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جيڪي اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا هئا.

ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرپرسن روبينا شيخ، لکو لوهاڻو، ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، فهميده بلوچ، حفيظان وڌو، سنڌي سنگت يوڪي ستار سومرو، بلوچ نيشنل موومينٽ حڪيم بلوچ، بلوچ هيومن رائٽيس ڪائونسل جي صمد بلوچ،  حسن همدم، ناليواري صحافي امداد اوڍو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ هتي اسان جي گڏ ٿي احتجاج ڪرڻ جو مقصد سنڌي قوم طرفان بحريا ٽائون خلاف هلندڙ جدوجهد جي حمايت ڪرڻ آهي ۽ پنهنجي سنڌي ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي  دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته بحريا جي والار خلاف سڄي سنڌي قوم نيويارڪ کان ويندي لنڊن تائين ۽ لنڊن کان ڪراچي تائين متحد آهي سنڌي قوم سراپا احتجاج آهي.

اڳواڻن چيو ته اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان سنڌين خلاف هڪ گهري سازش تحت ڪئي پئي وڃي اسان جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪيو پيو وڃي،  اسان کي اقيلت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، اسان جي ملڪيتن ۽ انهن جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن پر سنڌي ماڻهن انهن سازشي ماڻهن جي اکين ۾ ڪنڊو بڻيل آهن، ان ڪري اهي سازشي ماڻهو سنڌين کي بي گهر، تباهه ۽ برباد ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ سنڌين کي غلام رکن چاهين ٿا، ان سازش سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ڀاڱي ڀائيوار آهي، جيڪي عدالتي فيصلن کي تبديل ڪرائي رهيا آهن ان ڪري اسان ڪنهن به صورت ۾ سازشن کي  ڪامياب ٿين نه ڏينداسين.

بحريا ٽائون خلاف ڌرڻو، پوليس پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان ڏمرجي پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي زخمي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *