Wednesday , April 24 2024

لنڊن فليٽس جي مَني ٽريل ثابت نه ٿي ته نتيجن جو اثر عوامي عهدا رکندڙن تي به ٿيندو: سپريم ڪورٽ – نواز شريف جي اولاد وري اعتراض واري ڇڏيا

JIT report 01JIT New still

اسلام آباد: پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني عملدرآمد بئنچ چيو آهي ته لنڊن فليٽس جي پئسن جي منتقلي ثابت نه ڪئي وئي ته ان جي نتيجن جو اثر عوامو عهدو رکندڙ تي ٿيندو. جسٽس عظمت سعيد چيو آهي ته ماڻهو پڇي رهيا آهن ته اسان تي الزام ڪهڙا آهن، هتي هر ڪو پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ڪنهن ثبوت ڏيڻ جو سوال ٿئي ته اُهو ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي نه ڪي جي آءِ ٽي ٽي مٿان حملا ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسين، حسن ۽ ڌيءُ مريم نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا گڏيل جاچ ٽيم جي سورس مٽيريل تي اعتراض داخل ڪرڻ سان گڏ ملڪيتن جي مالڪي ۽ رقمن جي منتقلي بابت دستاويز جمع ڪرايا. جهن تي جسٽس عظمت سعيد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته دستاويز ميڊيا تي پهريون آيا ۽ عدالت ۾ بعد ۾جمع ڪرايا ويا آهن، دليل به ميڊيا تي ئي ڏنا وڃن ها. جنهن تي سلمان اڪرم راجا وضاحت ڪندي چيو ته  هي دستاويز مون ميڊيا کي نه ڏنا آهن ۽ ذاتي طور دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، دستاويزن جي ميڊيا تي وڃڻ جي سورس جي کيس ڪا به ڄاڻ نه آهي. ان موقعي تي بئنچ جي ميمبر جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان دستاويز وقت تي جمع ڪرائڻ جو چيو هو، هاڻ ميڊيا لاءِ ڊائيس لڳل آهي، اتي وڃي دليل ڏيو.

Hassn, hussain, nawaz maryam

ڪارروائي دوران جسٽس عظمت سعيد چيو ته جڏهن به اوهان کان ڪو سوال ڪيو وڃي ٿو ته اوهان دستاويز آڻي ڏيو، جي آئي ٽي تي بار بار حملا نه ڪريو، اسان لکي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون ته فيصلو جي آئي ٽي جي فائينڊنگ تي نه ڪنداسين. جسٽس اعجاز افضل چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ نئون قطري خط پيش ڪيو ويو آهي، برٽس ورجن آئيلينڊ سميت ٻه دستاويز مليا آهن، انهن کي عدالت اندر کولينداسين. انهي ئي موقعي تي عدالت حسين نواز جي وڪيل کي يو اي اِي جي انصاف واري ڊپارٽمينٽ جو خط پڙهڻ جي هدايت به ڪئي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان کي جيڪي دستاويز مليا آهن، انهن تي نوٽري پبلڪ جون صحيون ٿيل آهن.

وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسين، حسن ۽ ڌيءُ مريم نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته، دستاويزن جي تصديق ڪرائڻ لاءِ حسين نواز جي جاءِ تي ٻيو ڪو شخص ويو هو، دبئي حڪومت غلطي ڪئي آهي، انهن حسين نواز کي جوابدار قرار ڏنو آهي، قانوني ڪارروائي جو ا ختيار رکون ٿا. جنهن تي  جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اوهان جي پنهنجي ڳالهين ۾ تضاد لڳي رهيو آهي، پهرين چيو ويو ته دبئي ۾ ڪارخانو  لڳايو ويو ۽ هاڻ چئي رهيا آهيو ته مشينري ابوظهبي مان منتقل ٿي آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته هڪ دستاويز ۾ 4 فيبروري 2006 جي تاريخ ڏنل آهي، ان ڏينهن برطانيا ۾ موڪل هئي، موڪل جي ڏينهن اتي فون به ڪير ناهي کڻندو.جسٽس عظمت سعيد شريف ڪٽنب جي وڪيل سلمان اڪرم راجا کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسين اکيون بند ڪري نه ٿا ويهي سگهون، راجا صاحب اوهان هي ڇا ڪري ڇڏيو؟ اسان سوچي نه ٿا سگهون، اهو سڀ ڪيئن ٿي ويو، سلمان اڪرم راجا چيو ته ممڪن آهي غلطي ٿي وئي هجي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته اوهان عدالت ۾ ڪوڙا دستاويز پيش ڪرڻ بابت ڇا ٿا چئو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اهو ڪرمنل ڪيس آهي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته ان ڏوهه تي 7 سال قيد جي سزا اچي سگهي ٿي.

عدالت اٽارني جنرل کي چيو ته، اوهان وٽ غلط ڳالهين کي رد ڪرڻ جا ثبوت ناهن پر پنهنجي دفاع ۾ ڪيل ڳالهه به ته ثابت نه ٿا ڪري سگهو، قطري شهزادو وڊيو لنڪ تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ به راضي نه ٿيو.

حسين نواز، حسن نواز ۽ نياڻي مريم نواز ڪيلبري فونٽ بابت دستاويز ۽ اعتراض

Maryam Nawaz JIT 01Hussan & Hassan nawaz

اسلام آباد: وزيراعظم نوازشريف جي پٽن حسين نواز، حسن نواز ۽ نياڻي مريم نواز ڪيلبري فونٽ بابت دستاويز ۽ 17 صفحن تي ٻڌل اعتراض سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.وزيراعظم جي وڏي پٽ حسين نواز طرفان جمع ڪرايل دستاويز ۽ اعتراض 169 صفحن تي ٻڌل آهن. دستاويزن ۾ مشينري جي جده منتقلي بابت ڪسٽم ڪليئرنس، دستاويز، انوائيسز ۽ دبئي اسٽيل مل جي وڪري جو معاهدو به شامل آهي. دستاويزن ۾ نيلسن ۽ نيسڪول جو بينيفيشل اونر حسين نواز کي ظاهر ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم جي وڏي پٽ حسين نواز پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي حاصل ڪيل دستاويز تصديق ٿيل نه آهن. حسين نواز چيو آهي ته بينڪ اسٽيٽمنٽ ۽ چيڪ مان ثابت ٿئي ٿو ته عزيزيه اسٽيل مل 63 ملين ريال ۾ وڪرو ٿي. وزيراعظم نواز شريف جي اولاد پاران داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته مشينري جو رڪارڊ موجود آهي ۽ ريڪارڊ ڪسٽم ۽ لاڳاپيل ڪمپني کان تصديق ٿيل آهن. جمع ڪرايل دستاويزن ۾ چيو آهي ته 2006 ۾ ڪيلبري جي صارفين جو تعداد لکن ۾ هو. ڊويلپر فونٽ جو سروس ڪوڊ مائيڪرو سافٽ کي ڏنو، ان لاءِ 2006ع ۾ ڪيلبري لکائي جو استعمال قانون خلاف نه آهي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مائيڪرو سافٽ عملي ڪيلبري فونٽ جو استعمال 2003ع ۾ شروع ڪيو هو، جڏهن ته اهو ئي فونٽ ايم ايس آفيس ۾ اگسٽ 2004ع کان موجود هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *