Friday , March 29 2024

لطيف سرڪار جو عرص پڄاڻي تي پهتو، شهيد شاهه عنايت جي عرس جون تقريبون شروع

حيدرآباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون پڄاڻي تي پهچڻ بعد مزاحمت جي علامت ۽ جو کيڙي سو کائي نعري جي بانيڪار صوفين جي سرتاج صوفي شهيد شاهه عنايت جو 310 هين عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن. درگاهه جي اڱڻ تي صوفياڻي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران درگاهه جي گادي نشين صوفي عطاءُ الله ستاري سڪل گاهه تي ويهي شرڪت ڪئي.  نالي واري فنڪار شفيع فقير سميت ٻين فنڪارن صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. لاکيڻي لطيف جي سالياني عرس جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون راڳ رهاڻ سان پڄاڻي تي پهتيون، تقريب جي پڄاڻي تي مختلف شعبن ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ لطيف ايوارڊز ورهايا ويا. راڳ رهاڻ واري محفل ۾ نالي واري صوفي راڳي مانجهي فقير، انور وسطڙو، ريشما پروين، جنسار سمون، ڀڳت ڀاڳچند، ذوالفقار لنڊ، راشد حيدري ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪري محفل کي موهي وڌو. تقريب دوران مختلف شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ شاهه لطيف ايوارڊز ورهايا ويا. شاهه لطيف جي راڳين ۾ فقير جواڻ ڇڄڙو ۽ راشد حيدري کي ايوارڊز ڏنا ويا، ميوزڪ ايوراڊ ذوالفقار لنڊ، لطيفيات جو ايوارڊ معمور يوسفاڻي کي مليو، جڏهن ته ريسرچ ايوارڊ ڊاڪٽر شير مهراڻي کي ڏنو ويو. شاهه لطيف سگهڙ ايوارڊ تاج محمد هاليپوٽو، ڪمپيئرنگ ايوارڊ بخشڻ مهراڻوَي ۽ شاهه لطيف جي پانڌيئڙن جي خدمت جو ايوارڊ ايشور داس کي ڏنو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *