Thursday , March 28 2024

لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي، ڪراچي، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ماتمي جلوس، پوليس ۽ عزادارن ۾ چڪريون

لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي، ڪراچي، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ماتمي جلوس، پوليس ۽ عزادارن ۾ چڪريون

ڪراچي / لاڙڪاڻو/شڪارپور( سنڌسماءَچار نيوز) حضرت علي ڪرم الله وجه جي شهادت جي ڏينهن جي مناسبت سان، لاڪ ڊائون ۽ جلسن جلوسن تي پابندي باوجود مختلف شهرن ۾ 21هين رمضان المبارڪ جي رات جو ماتمي جلوس ڪڍي عزداري جي ڪوشش ڪئي وئي، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ پوليس ماتمي جلوس ۽ عزاداري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ۽ عزادارن وڄ چڪريون شروع ٿي ويون. شڪارپور ۾ ماتمي جلوس دوران پوليس عزادارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته چڪريون شروع ٿهي ويون، جنهن  دوران پوليس ڪيترن ئي عزادارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. لاڙڪاڻي ۾ به عزداري جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران پوليس عزادارن کي لاڪ ڊائون دوران  هرقسم جي جلسن، جلوسن ۽ مذهبي ميڙاڪن تي پابندي جو چئي کين جلوس نه ڪڍڻ جو چيو، جنهن تي عزارا مڇرجي پيا ۽ پوليس سان چڪريون  شروع ٿي ويو، ان دوران پوليس 4 کان وڌيڪ عزادارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ڪراچي جي کارادر، ملير جعفر طيار سوسائٽي سميت مختلف علائقن ۾ امام بارگاهن اندر عزاداري ڪئي وئي، جتي به ڪرونا جي بچاءَ کان لاڳو ڪيل ايس او پيز جي پابندي نه ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *