Thursday , March 28 2024

لاڪ ڊائون؛ پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ بابت سنڌ حڪومت جو عجيب فيصلو

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ اڄ کان لاڪ ڊائون لاڳو ٿي ويو، ميڊيڪل اسٽورن، سيڌي سامان جي دڪانن، ڀاڄين، ميووي جي دڪانن ۽ ريڙهن، کير، ڌونئري جا دڪان ۽ بيڪرين کانسواءِ سمورو ڪاروبار بند، گهرو کاتي موجب سنڌ اندر ٻين صوبن جو ٽرانسپورٽ اچي سگهندو، انٽر ۽ انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ بند رهندو. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي تيزي سان وڌندڙ ڪيسن کانپوءِ نيٺ سنڌ حڪومت صوبي ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي فيصلي کانپوءِ گهرو کاتي پاران لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جا ٻه ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.

گهرو کاتي پاران پهرين نوٽيفڪيشن ۾ لاڪ ڊائون دوران سنڌ جي سمورن شهرن اندر (انٽر سٽي)، هڪ شهر  کان ٻئي شهر ( انٽرا سٽي ) ۽ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي به پابندي لڳائي وئي، جنهن جو پهرين نوٽيفڪيشن ۾ ذڪر ڪيو ويو، جيڪو ٻن ڪالڪن کانپوءِ گذريل رات دير سان واپس وٺي ٽرانسپورٽ بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ لاڪ ڊائون ۽ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي به پابندي واري فيصلي ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بعد وفاقي وزير فواد چوڌري، وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل، پنجاب جي سُڌسماءَ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ سنڌ ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ واري حڪومت جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَ چار پاران جڏهن سنڌ جي گهرو کاتي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين سان رابطو ڪيو ويو ته ٻنهي کاتي جي ذميوار آفيسرن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، وفاقي ۽ پنجاب حڪومت بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ واري فيصلي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، جنهن بعد صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ اويس قادر شاهه کي وڏي وزير گهرائي صلاح مشوري بعد بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ گهرو کاتي لاڪ ڊائون ۽ لاڳو ڪيل نون ضابطن بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. بين اصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي نه هجڻ سان ٻين صوبن مان پبلڪ ٽرانسپورٽ توڙي گڊز ٽرانسپورٽ جي اچ وڃ جاري رهندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *