Friday , April 19 2024

لاڙڪاڻُو: اغوا ڪيل وڪيل قتل، ٻوري ۾ بند لاش ڍڍرا شاخ مان هٿ

larkna map

لاڙڪاڻي ۾ چار ڏينھن اڳ اغوا ٿيل وڪيل نياز کهاوڙ جو ٻوري ۾ بند ٿيل لاش هٿ آيو آهي. چانڊڪا اسپتال ۾ سڃاڻپ بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري وارثن جي حوالي ڪيو ويو، مڙھ مٽي ماءُ حوالي. وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، خبر نه آهي ته ڪنهن ساڻن ناحق ڪيو.

چار ڏينھن اڳ لاڙڪاڻي شھر جي نظر پاڙي جو رھواسي نوجوان وڪيل نياز حسين کھاوڙ گھران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جو اطلاع رحمت پور ٿاڻي تي ڏنو ويو هو. پوليس جاچ دوران مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او رحمت پور جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي لڳ بقاپور ٿاڻي جي حد ڍڍرا سم شاخ وٽ پھتي، جتان شاخ جي ڪپر تان ٻوري ۾ بند لاش هٿ ڪري مڙهه چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي وڪيل جي وارثن کي گھرايو ويو، وڪيل جي پيءُ غلام نبي کهاوڙ پنھنجي اغوا ٿي ويل پٽ وڪيل نياز حسين طور سڃاڻپ ڪئي. اهڙي تصديق ٿيڻ بعد وارثن ۾ روڄ راڙُ پئجي ويو.

مقتول نوجوان نياز کهاوڙ جي پيءُ غلام النبي کهاوڙ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي چار ڏينهن اڳ سندس دوست صدام اوڍاڻي چانهه پيئڻ بهاني گهرايو هو، جنهن بعد ان پنهنجي ٻين دوستن سان گڏجي منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو ۽ کيس شهر جي شيخ زيد بوائز پرائمري اسڪول اندر رسن سان ڪرسي ۾ ٻڌي مارڪٽ ڪري تشدد ڪرڻ بعد کيس گهٽا ڏئي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سندن ڪنھن سان ڪا به دشمني نه ھئي، انصاف ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاھي چاڙھيو وڃي.

ٻي طرف پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو. جڏهن ته سندس امڙ ۽ وني کي بيهوشيءَ جا دورا پڻ پئجي ويا. وڪيل جي جنازي نماز پڙھڻ بعد کيس سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ لاش مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل وڪيل جي ٻه مھينا اڳ شادي ٿي ھئي، جيڪو سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ وڪالت ڪندو ھو ۽ لاڙڪاڻي مان شفٽ ٿي ڪراچي ۾ فيملي کي رھائڻ لاءِ لاڙڪاڻي آيو ھو ته کيس دوستن دوکي سان چانهھ پيئڻ جي بھاني گھرائي ھڪ اسڪول ۾ بند ڪري تشدد ڪري گھٽا ڏئي ماري ھڪ چنگچي ذريعي لاش کڻي وڃي شاخ جي ڪپر تي پوريو ھو، واضح رهي ته وڪيل جي اغوا بعد سندس وارثن رحمت پور ٿاڻي تي پاڙي جي رھواسي صدام اوڍاڻو، سندس ڀاءُ راجا اوڍاڻو ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرايو ھو، جنھن کانپوءِ پوليس مختلف ھنڌن ۽ وڳڻ روڊ تي قائم ڳوٺ ڌاتو تيوڻو تي چڙھائي ڪري مک جوابدار صدام جي ڀاءُ راجا اوڍاڻو ۽ سھولتڪار چنگچي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب انھن جي نشاندھي تي مقتول جو لاش ھٿ ڪيو ويو، اھا به ڄاڻ ملي آھي ته راجا اوڍاڻي پڻ پوليس آڏو بيان ڏنو آھي ته منھنجي ڀاءُ صدام حسين وڪيل نياز کي گھرائي اسڪول ۾ بند ڪيو ھو، جتي کيس ماري ڇڏيو ھو، جنھن کانپوءِ ڀاءُ صدام ٻڌايو ته اسان کان وڪيل قتل ٿي ويو آھي ۽ ھن کي ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي، ھاڻي ڪنھن کي ڪا به ٻاڦ نه پوندي، توھان في الحال ھيڏي ھوڏي ٿي وڃون، جڏھن ته جوابدار باقراڻي ۾ رھندڙ آھن، جيڪي واقعي کانپوءِ اھو ٻڌائي ھليا ويا ته اسين مائٽن جي شادي تي وڃي رھيا آھيون، جنھن کانپوءِ در کي تالو ھڻي ھليا ويا آھن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *