Friday , April 19 2024

لاڙڪاڻي ۾ گندگي ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف عوامي اتحاد رستن تي نڪري آيو

لاڙڪاڻي ۾ گندگي ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف عوامي اتحاد رستن تي نڪري آيو

لاڙڪاڻو(رپورٽر   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي شهر مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي خلاف لاڙڪاڻو اتحاد جو ميونسپل آفيس آڏو ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو، احتجاج ۾ جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم عباسي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو ۽ ٻين جي به شرڪت، انتظاميه خلاف ڌرڻي کان اڳ شهر ۾ احتجاجي ريليز به ڪڍيون ويون، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شهر مان گندگي صاف نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.لاڙڪاڻي ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻو اتحاد پاران لڳل ڌرڻو ٻن ڪلاڪن بعد ختم ڪيو ويو. ايم پي اي معظم عباسي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو، اڳوڻي سينيٽر صفدر عباسي، رياض چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾وليد محلي ۽ دودائي روڊ کان ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. احتجاجي ريليون بندر روڊ تي پهچڻ بعد هڪ ٿي ويون، جنهن بعد ريلي مختلف رستن کان ٿيندي  ميونسپل آفيس پهتي، جتي ريلي ۾ شامل ماڻهن ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي معظم عباسي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ صفائي نه ڪرائي شهرين کان پ پ کي ووٽ نه ڏيڻ جو انتقام ورتو پيو وڃي.مولانا ناصر محمود سومرو جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو ويو آهي، شهر تباهه ٿي ويو آهي.صفدر عباسي چيو ته شهر جي خراب صورتحال لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ذميوار آهي، ڇاڪاڻ جو هو پاڻ به هتان جو ايم اين اي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *