Friday , April 19 2024

لاڙڪاڻي ۾ جڙتو مقابلي جو سردار اظهر ڪماريو عدالت لڳائي ڇڏي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او تي ڏنڊ مقرر

لاڙڪاڻي ۾ جڙتو مقابلي جي سردار اظهر خان ڪماريو عدالت لڳائي ڇڏي، نوجوان جي ناحق خون جو  12 لک رپيا اگهه مقرر، ڏنڊ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڀريندا

لاڙڪاڻو (رپورٽر  سنڌسماءَچار) جڙتو پوليس مقابلي  جو اظهر خان ڪماريون جي سرپئنچي هيٺ جرڳو، ڌامراهه واري علائقي ۾ ٽي سال اڳ ٿيل پوليس مقابلي جو جرڳو، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او تي نوجوان پرويز ميراڻي جو خون ثابت ٿيڻ تي 12 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي جي ڌامراهه ٿاڻي جي حد ۾ 3 سال اڳ شڪي پوليس مقابلي ۾ لاڙڪاڻي جي فتح پور واري علائقي ۾ ٽي سال اڳ پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل فتح پور واسي نوجوان پرويز ميراڻي جي قتل واري معاملي جو مدئجي جي ڳوٺ ترائي ۾ سردار اظهر خان ڪماريو جي رهائشگاهه تي ڪيو ويو. جرڳي دوران اظهر ڪماريو ٻنهي ڌرين جي امينن جي موجودگي ۾ بيان ٻڌا. ڌرين جا بيان ۽ شاهدن جون شاهديون ٻڌڻ کانپوءِ فتويٰ ٻڌائي وئي. مبينا پوليس مقابلي جو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هجڻ باوجود اظهر ڪماريو جرڳي جي فتويٰ ٻڌائي ڇڏي. فتويٰ ۾ لاڙڪاڻي پوليس جي ڊي ايس پي جاني شاهه ۽ ايس ايڇ او غلام علي لغاري مٿان 12 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. جرڳي دوران ٻنهي اهلڪارن ڏنڊ جي رقم مان هڪ لک رپيا معاف ڪرايو. جرڳي جي فتويٰ موجب ٻنهي پوليس آفيسرن کي پابند بڻايو ويو ته اهي 15 نومبر تي ميڙ منٿ قافلي سان گڏ متاثر ڌر وٽ پهچي رهيل 11 لک رپيا ادا ڪندا. الزام هيٺ آيل هڪ ٻئي ايس ايڇ او نور محمد جکرو ۽ متاثر ڌر جو بعد ۾ جرڳو ڪيو ويندو. واضح رهي ته 3 سال اڳ ڌامراهه ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ نوجوان پرويز ميراڻي مارجي ويو هو، جنهن جو ڪيس پوليس اهلڪارن خلاف داخل ٿيل آهي. وارثن جو الزام هو ته پوليس نوجوان کي ڌاڙيل ڄاڻائي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو آهي.

فضل الرحمان پاران ڪارڪنن جي ٻي کيپ اسلام آباد گهرائڻ جو فيصلو،ڌرڻو ڪيڏانهن ويندو؟

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *