Thursday , April 18 2024

لاڙڪاڻي مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ٻن ڄڻن جي خضدار ۾ گرفتاري ظاهر

لاڙڪاڻي مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ٻن ڄڻن جي خضدار ۾ گرفتاري ظاهر، ظفر ۽ عرض محمد کوسو عدالت ۾ پيشي تان واپسي دوران گم ٿي ويا هئا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽر    سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي مان چار ڏينهن اڳ مبينا طور تي اغوا ٿي ويل ٻن ڄڻن ظفر کوسو ۽ عرض محمد کوسو جي بلوچستان پوليس خضدار ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ٻئي ڄڻا 4 ڏينهن اڳ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪيس جي پيشي تان واپس موٽندي مبينا طور تي کنڀجي ويا هئا. اغوا ڄاڻايل آل پاڪستان کوسا اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ظفر علي کوسو ۽ سندس مائٽ عرض محمد کوسو جي خضدار جي علائقي باغبان ٿاڻي تي 2016ع ۾ ٿيل هڪ قتل ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ کوسا اتحاد جي اڳواڻن نياز احمد کوسو، جان محمد کوسو، نادر کوسو ۽ ٻين چيو ته بلوچستان واسي باران بروھي پنهنجن پٽن سان گڏجي لاڙڪاڻي وچ شھر ۾ ظفر علي کوسو جي 18 سالن جي نوجوان پٽ صدام کوسو کي قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس رحمت  پور ٿاڻي تي داخل آهي، ان ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ انهن ليويز پوليس سان گڏجي پٽ جي قتل ڪيس جي حاضري تان موٽندڙ ظفر کوسو کي کنڀي قتل ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي. کوسا برادري جي ماڻهن گذريل ڏينهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪئي، ڊي آءِ جي کين ٻڌايو ته گرفتاري بابت حد جي پوليس کي اطلاع نه ڏنو ويو آهي، اهو عمل غيرقانوني آهي، جنهن بابت آءِ جي سان ڳالهائيندس. هوڏانهن کوسا برادري جي اڳواڻن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن اڳواڻ آزاد نه ٿيو ته ڪٺ گهرائي سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ تي اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويندا .

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *