Saturday , April 20 2024

لاڙڪاڻي مان جاري ڪيل 103 ڊوميسائيلز مڪمل طور شڪي قرار، ثبوت ملي ويا

جعلي ڊوميسائيلز تي نوڪريون حاصل ڪندڙن کي نيڪالي ڏيڻ سميت 4 سفارشون تيار

جاچ ڪميٽي ميمبرز طرفان ڇنڊ ڇاڻ بعد 41 ۽ شهرين طرفان 62 ڊوميسائيلز کي شڪي قرار ڏنو ويو

لاڙڪاڻو (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جعلي ڊوميسائيلز ذريعي ٻين صوبن جي ماڻهن پاران سنڌ ۾ نوڪريون حاصل ڪرڻ وارو ڌاڙو سامهون اچڻ بعد سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي کي لاڙڪاڻي مان جعلي ڊوميسائيلز جون شاهديون ملي ويون آهن، جاچ ڪميٽي جي سربراهه قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي جاچ لاءِ جُڙيل حڪومتي ڪميٽي اسڪيندل جي حوالي سان شروعاتي طور 4 سفارشون طئه ڪيون ويون آحن، جاچ جو دائرو سڄي سنڌ آهي، شروعات لاڙڪاڻي کان ڪئي. جاچ ڪميٽي جي سربراهه لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جعلي ڊوميسائيل رد ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کي سفارش ڪئي ويندي، ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي، جعلي ڊوميسائيل رکندڙ جي سرڪاري نوڪري ۽ داخلائون ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي ويندي، شهريت قانون ۾ خامين ۽ اُن مان غلط فائدو وٺڻ واري روايت ختم ڪرڻ لاءِ به تجويزون ڏنيون وينديون.

قاضي شاهد پرويز صحافين پاران ڊوميسائل ۽ ان سان واڳيل ٻين ڪاغذن پٽن جي نادرا جي تصديق واري طريقيڪار جي سوال تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته، کين مقامي سطح تي ڊوميسائيل جاري ڪندڙ اختيارين جي حوالي سان جاچ جو مينڊيٽ مليل آهي، جڏهن ته ڊوميسائيل ڪميٽي لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڏينهن تائين جاچ بعد 103 ڊوميسائيلز کي حتمي طور شڪي قرار ڏئي ڇڏيو، ڪميٽي ميمبرز طرفان ڇنڊ ڇاڻ بعد 41 ۽ شهرين طرفان 62 ڊوميسائيلز کي شڪي قرار ڏنو ويو آهي، ڪميٽي جي سربراهه قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته ڪمشنر لاڙڪاڻو شڪي ڊوميسائيلز جي جاچ ڪري سومر تي رپورٽ پيش ڪندو، لاڙڪاڻي کانپوءِ ڪشمور، گهوٽڪي، نوشهروفيروز ۽ ڄامشورو ۾ به جعلي ڊوميسائيلز اسڪيندل جي جاچ ڪئي ويندي، ڪراچي جي هڪ ضلعي ۾ به جعلي ڊوميسائيلز جون شڪايتون ملڻ جي تصديق، قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته هو سمجهي ٿو ته سمورن ضلعن ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر اُن لاءِ هڪ هفتي جو وقت تمام ٿورو آهي، ٿوري عرصي ۾ 5 کان 6 ضلعن اندر جاچ ڪري سگهجي ٿي.

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *