Friday , March 29 2024

لاڙڪاڻي مان اڍائي مهينا اڳ گم ٿي ويل نوجوان قربان علي جو پتو نه پيو، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو ( سنڌ سماءَ چار نيوز) لاڙڪاڻي مان گم ٿيل نوجوان دلدار جوڻيجو ۽ قربان علي عرف آزاد جروار جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا. نوجوان دلدار جوڻيجو جي وارثن غلام اصغر جوڻيجو ۽ طاهر علي جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽي مهينا اڳ نوجوان دلدار جوڻيجي کي ڪراچي جي اختر ڪالوني مان پينٽر جي دوڪان مان نامعلوم ماڻهو کڻي ويا آهن جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوجوان دلدار جوڻيجو بازياب ڪرائي پريشانين کان بچايو وڃي. ڏوڪري جي ڳوٺ ٻڍو واهڻ مان ٽي مهينا اڳ گم ٿيل قربان علي عرف آزاد جروار جي آزاديءَ لاءِ سندس وارث عورتن سوني خاتون ۽ مسمات حبيبان جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته 12 آگسٽ تي قربان علي عرف آزاد جروار ڳوٺ ٻڍو واهڻ جي اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائي رهيو هو ته کي نامعلوم ماڻهو کڻي ويا آهن، جنهن جو اڃان تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن حڪومت ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته قربان علي عرف آزاد جروار کي آزاد ڪرائي اسان کي پريشانين کان بچايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *