Thursday , March 28 2024

لاڙڪاڻي جي پير شير ڳوٺ ۾ پراڻو تڪرار 3 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو،علائقي ۾ سوڳ

لاڙڪاڻو( رپورٽر   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي عاقل واري علائقي ۾ دوڪان جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار ۾ هڪ ڀيرو وري تيزي اچي وئي آهي، ڌرين ۾ فائرن جي ڏي وٺ دوران 3 انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجي ويون آهن. لاڙڪاڻي ويجهو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ دڪان جي مالڪيءَ تان جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت چار ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. ڳوٺ پير شير واري علائقي ۾ جتوئي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 ڀائر قربان، مشتاق سندن سئوٽ غلام مصطفيٰ ۽ ٻي ڌر جو مظهر جتوئي مارجي ويا. اطلاع تي عاقل ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتول ٽن ڄڻن جا لاش ڳوٺ آندا ويا ته سندن گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي.

پوليس موجب جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾دوڪان جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان گذريل رات ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ مظهر جتوئي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان زخمي مظفر جتوئي چانڊڪا اسپتال ۾ دم ڏنو، جنهن بعد مقتول واري ڌر حملو ڪري ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي……….

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *