Friday , April 19 2024

لاڙڪاڻو،خيرپور،نوابشاهه ۽ جيڪب آباد سميت 21 ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ گندو پاڻي شامل ٿي رهيو آهي:سنڌ سرڪار جو اعتراف

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) سنڌ سرڪار ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، سنڌ جي 21 ضلعن ۾ ميونسپلز، اسپتالن ۽ صنعتن مان خارج ٿيندڙ گندو ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ مهيا ٿيندڙ پاڻي ۾ شامل ٿي رهيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدرات هيٺ منصوبابندي ۽ ترقي واري ڊويزن جي چيئرمين اجلاس ۾ پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ جي چيئرمن محمد وسيم اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته، ڪراچيءَ کانسواءِ، سنڌ جي ٻين 21 ضلعن جي آبادي 29111723 جنهن ۾ 9624674 شهري ۽ 19487049 ٻهراڙي جي آبادي به شامل آهن.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته، 21 ضلعن جي آبادي وارن علائقن ۾ 755 هنڌن تان مجموعي طور تي روزانو 100.454 ايم جي ڊي ميونسپل، صنعتي ۽ اسپتالن جو گندو صاف پاڻيءَ ۾ ڇڏيو ويندو آهي. جيڪو پيئڻ لاءِ مهيا ٿيندڙ پاڻي ۾ شامل ٿيندو آهي. سنڌ سرڪار جي انگ اکرن مطابق ضلعي جيڪب آباد مان 0.375 ايم جي ڊي 10 هنڌن تان پيئڻ واري پاڻي جي مختلف ذريعن ۾ شامل ٿئي ٿو. ڪشمور ۾ 5.822 ايم جي ڊي 10 هنڌن، قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 5.149 ايم جي ڊي 87 هنڌن، لاڙڪاڻي ۾ 3.006 ايم جي ڊي 135 هنڌن تان گندو پاڻي پيئڻ جي لاءِ مهيا ٿيندڙ پاڻي جي مختلف ذريعن ۾ شامل ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح شڪارپور ۾ 0.533 ايم جي ڊي 35 هنڌن تان داخل ٿئي ٿو. گهوٽڪي ضلعي اندر 3.053 ايم جي ڊي گندو پاڻي 8 هنڌن تان، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اباڻي ضلعي خيرپور۾ گندو پاڻي پيئڻ جي پاڻي مهيا ٿيندڙ جيڪو مختلف ذريعن مان مهيا ٿئي ٿو ان گندي پاڻي جي ڇوڙ ٿيڻ جو مقدار 5.844 ايم جي ڊي آهي جيڪو 76 هنڌن تان ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو.

اپوزيشن ليڊ، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه، صوبائي  وزير ناصر شاهه جي ضلعي سکر ۾ 29.507 ايم جي ڊي 100 هنڌن تان گندو پاڻي پيئڻ جي صاف پاڻي ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. بدين مان 6.619 ايم جي ڊي 19 هنڌن، دادو مان 0.190 ايم جي ڊي 20 هنڌن، حيدرآباد مان 10 ايم جي ڊي 70 هنڌن، ڄامشورو مان 3.697 ايم جي ڊي 9 هنڌن، مٽياري مان 1.090 ايم جي ڊي 8 هنڌن، سجاول مان 0.060 ايم جي ڊي 2 هنڌن، ٽنڊو الهيار مان 4.8 ايم جي ڊي 18 هنڌن، ٽنڊو محمد خان مان 3.914 ايم جي ڊي 9 هنڌن، ٺٽي مان 0.217 ايم جي ڊي 6 هنڌن، ميرپورخاص مان 0.219 ايم جي ڊي 20 هنڌن، سانگهڙ مان 7.02 ايم جي ڊي 10 هنڌن، نوشهروفيروز مان 6.441 ايم جي ڊي 43 هنڌن ۽ شهيد بينظيرآباد مان 2.898 ايم جي ڊي 50 هنڌ تان گندو پاڻي صاف پاڻي ۾ ملايو ويندو آهي.

سکر، ڪوٽڙي، حيدرآباد، نوابشاهه، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو ۽ ٻين ضلعن ۾ ٽريٽمينت پلانٽ لڳايا ويندا، جن تي اٽڪل 9612.139 ملين رپيا خرچ ٿيندا. وڏي وزير 9 ضلعن ۾ صنعتي گند کي صاف ڪرڻ لاءِ 28 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جي منظوري ڏني ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي هدايت ڪئي ته جيترو جلد ٿي سگهي انهن سمورين رٿائن کي منظور ڪيو وڃي ته جيئن اهي 2019ع جي وچ تائين مڪمل ٿي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *