Friday , April 19 2024

لاهور ۾ دهشتگردن جي ڪارروائي ٻن ڊي آءِ جيز سميت 16 ڄڻا شهيد

lahore-blast-2 lahore-blast-1 lahore-blast-3

 لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي ويجهو چيئرنگ ڪراس تي ڌماڪي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪيپٽن مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن زاهد گوندل سميت 16 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شروعاتي معلومات موجب واقعو آپگهاتي حملي جو نتيجو آهي. پنجاب اسيمبلي ويجهو چيئرنگ ڪراس وٽ دواساز ڪمپنيز جي سڏ تي احتجاجي مظاهري دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪيپٽن مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن زاهد گوندل سميت 16 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. شهيد ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي گنگارام ۽ ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اسپتال ذريعن موجب ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن ۾ 6 پوليس اهلڪار ۽ 3 ٽريفڪ وارڊن به شامل آهن، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 100کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ڌماڪي واري هنڌ تان انساني ٻانهن ۽ ڄنگهه به هٿ آئي. پنجاب جي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شروعاتي معلومات موجب واقعو آپگهاتي حملي جو نتيجو آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي شهيد ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سمورن انٽيليجينس جي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته حالتن کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ واقعي جي جاچ ۾ سول انتظاميا جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. واقعي بعد پاڪ فوج جي جوانن ۽ رينجرز اهلڪارن بم ڌماڪي واري جاءِ ۽ پنجاب اسيمبلي کي حفاظتي ڪڙو چاڙهي ڇڏي.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته، آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 20 سال ٿيندي پر سندس سڃاڻپ انڪري ظاهر نه پئي ڪئي وڃي جو سندس ساٿي لڪي نه وڃن.

آءِ جي پنجاب مشتاق سکيرا جو چوڻ آهي ته سيف سٽي جي ڪلوز سرڪٽ ڪئميرائن جي فٽيجز جي مدد سان آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، ڌماڪي واري هنڌ تان ان جي جسم جا ڪجهه حصا به هٿ ڪيا آهن جيڪي فرانزڪ رپورٽ  لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن ۽ جلد ٻين جوابدارن تائين به پهچي وينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *