Friday , April 19 2024

لاهور ۾ برسات جا راڱا، مختلف واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت، امدادي ڪاررواين لاءِ ٻيڙيون هلايون ويو

لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ 9 ڪلاڪن تائين پوندڙ لاڳيتي طوفاني برسات شهر کي ٻوڙي ڇڏيو، روڊ، رستا ۽ گهٽيون ڍنڍن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، شهرين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ انتظاميا بوٽ سروس شروع ڪري ڏني، ڇتيون ڀتيون ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پنجاب جي نگران وڏي وزير انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پنجاب صوبي جي گادي واري شهر لاهور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ طوفائي برسات پوڻ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي،  جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. روڊ رستا ٻڏي وڃڻ سبب شهرين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ انتظاميا بوٽ سروس شروع ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.  برسات سبب 150 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي.  برسات سبب ريواز گارڊن ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب  ريواز گارڊن چوڪي جو ڊرائيور امانت ۽ رضاڪار شاهه زيب فوت ٿي ويا.

قرطبا چوڪ وٽ به موٽرسائيڪل سوار اڪبر بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو،  جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. قصور ۾ به برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن جا لاش  اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.  برسات سبب هيٺائين وارن علائقن ۾ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، جنهن بعد ٽريفڪ متاثر ٿي وئي، جڏهن ته روڊن رستن تي پاڻي بيهڻ سبب ماڻهن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. لاهور ايئرپورٽ تي به موسميات کاتي برسات جي حوالي سان وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

ليسڪو ترجمان موجب، متاثر 135 فيڊر بحال ٿي  چڪا آهن، جڏهن ته ڪجهه فيڊرن جي بحالي جو ڪم جاري آهي، ٽيمون لاڳيتو آپريشن ڪري رهيون آهن، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 12 ڪلاڪن تائين وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخوان، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت بلتستان، هزاره ڊويزن، لاهور ۽ ٻين علائق ۾ برسات وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿي. ٻئي طرف متحده مجلس عمل جو سيڪريٽري جنرل لياقت بلوچ، فريد احمد پراچا ۽ ٻيا اڳواڻ برسات جي پاڻي ۾ ڦاسي پيا. لياقت بلوچ چيو ته اڄ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ڪرپشن جو کليل ثبوت آهي، ملڪ ۾ هر هنڌ ڪرپشن جي بازار گرم آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *