Friday , March 29 2024

قيوم آباد مان گند جي ڍير تان بئلٽ پيپرز هٿ اچڻ تي اليڪشن ڪميشن خاموش تماشائي بڻيل

بئلٽ پيپر(فائل فوٽو)

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي جي اين اي 241 ۽ پي ايس 107 جا بئلٽ پيپرز گند جي ڍير تان ثابت ۽ سڙيل حالت ۾ هٿ اچڻ وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي، معاملو ميڊيا تي اچڻ باوجود اليڪشن ڪميشن اڇا تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم معاملي تيص ڳڻتي جو اظهار ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن قيوم آباد واري علائقي ۾ اين اي 241 ۽ پي ايس 107 تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اميدوارن جي چونڊ نشانن تي ٺپا لڳل بيلٽ پيپرز ملڻ وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي.

قيوم آباد واري علائقي مان گندگي جي هڪ ڍير تان ڪجهه اڌسڙيل ۽ ڪجهه ثابت حالت ۾ هٿ آيل بئلٽ پيپرز جا فٽيجز ۽ فوٽو سڀ کان پهريان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا، جنهن کانپوءِ اُهي ميڊيا تي به خبرن جي زينت بڻيا. بئلٽ پيپرز گند جي ڍير تان هٿ اچڻ وارين خبرن، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاران احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ باوجود اليڪشن ڪميشن معاملي تي اڃا تائين خاموشي اختيار ڪري رکي آهي. ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي خاموشي به ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *