Wednesday , April 24 2024

قومپرست اڳواڻ اشرف نوناري جو قتل يا روڊ حادثو

حيدرآباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) گذريل رات دير سان سيري ويجهو شڪي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نيشنل تحريڪ جو چيئرمين اشرف نوناري جي موت ڳجهارت بڻجي ويو آهي، جمعي ڏينهن صبح جو سندس لاش صبح جو واقعي واري هنڌ تان هٿ ڪيو ويو، جيڪو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن واقعي جي جاچ جو مطالبنو ڪيو آهي. ايس اين ٽي جو چيئرمين اشرف نوناري گذريل رات دير سان گنجي ٽڪر تي واقع حبيب فام ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ کٿڙ لڳ پنهنجي ڳوٺ ملنگ خان نوناري وڃڻ لاءِ پنهنجي ڪار تي سوار ٿي نڪتو هو جنهن جو لاش گنجي ٽڪر وٽ ڳوٺ عدل نوناري ٽنڊي محمد خان روڊ جي پاسي ۾ سندس گاڏي مان مليو. لاش گاڏي جي ڀرسان مليو جڏهن ته سندس ڪار به چڪنا چور ٿيل هئي. اطلاع ملڻ تي ڀرپاسي جا سوين ڳوٺاڻا، اشرف نوناري جا وارث ۽ ايس اين ٽي جا ڪارڪن ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جتان اشرف نوناري جو لاش کڻائي اسپتال روانو ڪيو ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اشرف نوناري جو موت مٿي جي هڏي ڀڄڻ سبب ٿي آهي جڏهن ته سندس جسم تي رهڙن جا نشان پڻ آهن. ان موقعي تي ايس اين ٽي جا مرڪزي اڳواڻ لالا قربان سوڍڙو، ايس اين ٽي ناري تحريڪ جي صدر ڊاڪٽر عظما جوکيو سميت ٻين اڳواڻ ۽ ڪارڪن ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي جا اڳواڻ اسپتال پهتا. سول اسپتال مان سندس لاش وڏي پٽ ڪامران اشرف نوناري، سئوٽ گل حسن نوناري، اسد الله نوناري ۽ ٻيا وارث ڳوٺ کڻائي ويا.. سندس مڙهه کي رات دير سان گنجي ٽڪر جبل تي واقعي قبرستان ۾ هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. پارٽي سربراهه اشرف نوناري جي وڇوڙي تي 40 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اشرف نوناري جي وڏي پٽ ڪامران اشرف نوناري سول اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صبح جو سندس والد لاش روڊ جي پاسي کان کاهي مان ۽ ڪار جي کاٻي پاسي ٽائر جي ويجهو مليو. هن چيو ته اسان کي جنهن صورت ۾ لاش مليو آهي ان مان حادثو نه پر قتل جو شڪ آهي. سندس مٿي ۾ گهرا ڌڪ لڳل آهن ،. اشرف نوناري جي سئوٽ ٻڌايو ته سندس لاش ڪار جي کاٻي پاسي ٽائر جي پاسي ۾ پيل هو ۽ سندس ڪوٽ جو هڪ پاسو ٽائر جي هيٺان آيل هو ڪجهه مفاصلي تي هڪ لوهي راڊ به نظر آئي. هن چيو ته جيڪڏهن اهو حادثو آهي ته پوءِ لاش ڊرائيورنگ سيٽ واري پاسي کان پيل هجي ها جڏهن ته اهو ٽائر ڪار جي پوئين پاسي کاٻي طرف واري ٽائر وٽان مليو آهي. هن چيو ته واقعي جي سرزمين مان لڳي ٿو ته اهو حادثو نه پر قتل آهي ان ڪري اسان پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچن. ايس اين ٽي اڳواڻ اشرف نوناري جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته لاش جي ابتدائي معائني مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته اشرف نوناري جو موت مٿي جي هڏي ڀڄڻ جي ڪري ٿيو آهي. هن چيو ته سندس جسم جي ٻي هڏي به ڀڳل هئي، جسم تي به تشد نما نشان هئا.

اشرف نوناري جي لاش جا جزا فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ ڪراچي ليبارٽري موڪليا ويا آهن،حيدرآباد:سنڌ نيشنل تحريڪ جو چيئرمين اشرف نوناري جي لاش جا جزا وٺي فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ ڪراچي ليبارٽري موڪليا ويا آهن جن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ تفصيلي رپورٽ بعد جاري ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *