Thursday , March 28 2024

قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ پهريون، ن ليگ ٻيو ۽ پ پ پ ٽيون نمبر

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن سان گڏ پارٽي پوزيشن به جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد تحريڪ انصاف 158،  مسلم ليگ ن 64، پيپلزپارٽي 42 ۽ متحده مجلس عمل 15  سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرنامي موجب، تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جون 116 جنرل سيٽون کٽي چڪي آهي ۽ 9 آزاد اميدوار پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جنهن بعد ميمبرن جو تعداد 125 ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، تحريڪ انصاف کي 5 اقليتي ۽ 28 عورتن جون سيٽون مليون آهن، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو مجموعي تعداد 158 تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن قومي اسيمبلي جون 64 سيٽون  کنيون آهن، جڏهن ته هڪ به آزاد مسلم ليگ ن ۾ شامل نه ٿيو آهي. مسلم ليگ ن کي اقليتي سيٽون 2 ۽ عورتن جون 16 سيٽون مليون آهن، جنهن بعد ميمبرن جو تعداد 82 ٿي ويو آهي. پيپلزپارٽي 42 سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي، پيپلزپارٽي 2 اقليتي ۽ 9 عورتن جون مخصوص سيٽون مليون آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي ڪامياب ميمبرن جو مجموعي تعداد 53 تائين پهچي چڪو آهي.متحده مجلس عمل پارٽي 12 سيٽون کنيون آهن، هڪ اقليتي ۽ٻه عورتن جون مخصوص سيٽون ملڻ بعد ايم ايم اي 15 سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.  ايم ڪيو ايم پاڪستان قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون کنيون آهن، جڏهن ته عورتن جي هڪ سيٽ ملڻ بعد ميمبرن جو تعداد 7 ٿي ويو آهي.  پاڪستان مسلم ليگ ق ۽ بلوچستان عوامي پارٽي قومي اسيمبلي جون 4، 4 سيٽون کنيون آهن، ڪو به آزاد اميدوار ٻنهي پارٽين ۾ شامل نه ٿيو آهي.  عورتن جي هڪ هڪ سيٽ ملڻ بعد قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ق ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرن جون تعداد 5، 5 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *